28
جولائي2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا جو
صحافي خوني بواسير جي مرض ۾ مبتلا،ڪنهن به سرڪاري ۽ چونڊيل نمائندن سندس سار نه لڌي.مقامي
صحافين پنهنجي مدد پاڻ تحت سندس علاج ومعالج ڪرائيندي سندس آپريشن ڪرائي.هالا جي
صحافين ۽سماجي اڳواڻن پاران سندس عيادت
خبر موجب هالا جي نوجوان صحافي محمد رحيم ملاح ڪافي
عرصي کان خوني بواسير جي مرض ۾ مبتلا هجڻ تي ڪافي عرصي کان بيمار رهڻ دوران هالا
جي صحافي برادري پاران انجي علاج و معالج لاءَ علائقي جي چونڊيل نمائندن،اعلي سرڪاري
ڪامورن کي سندس مدد ڪرڻ جي ڪافي اپيلن باوجود به انهن ڪنهن به ڪاموري سميت ڪنهن به
چونڊيل نمائندن مقامي صحافي جي ڪابه مدد نه ڪئي جڏهن ته هالا جي مقامي صحافين جن ۾
چاچي محمد حسن صوفياڻي،عبدالغفور(اداڀائو) ميمڻ،اخترميمڻ،نديم مگريو،افتخار ميمڻ،هالا
جي سماجي ورڪر۽ لاکا اتحاد جي اڳواڻ عبدالرشيدلاکوجن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان هالا
جي انسان دوست مهربان ۽ سوشل ورڪر نامور سرجن ڊاڪٽر عبدالسلام انصاري مقامي صحافي
جي غربت کي ڏسندي سندس پنهنجي اسپتال هالا ۾ صحافي محمد رحيم ملاه جو ڪامياب
آپريشن ڪندي سندس علاج ومعالج ڪرڻ سان گڏ انکي ريسٽ لاءَ پڻ داخل ڪري ڇڏيو آهي.صحافي
جي ڪامياب آپريشن بعد هالا سان تعلق رکندڙ صحافين جن ۾ محمد حسن صوفياڻي،عبدالغفورميمڻ،امان
ڏاهري،نديم مگريو،عبدالرزاق ميمڻ،مشتاق ميمڻ،افتخار ميمڻ،عمير ميمڻ،اشتياق
شيخ،رحمان ڪشميري،ممتاز ميمڻ،سيد حاڪم علي شاهه،اشرف کماڻ،اشفاق احمد ڏاهري ،کان
علاوه شهر سان تعلق رکندڙ مختلف سياسي،سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اسپتال
پهچي مقامي صحافي جي عيادت ڪئي ۽ کيس ڪامياب آپريشن تي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي
هالا جي سينيئر صحافي عبدالغفور ميمڻ ۽ محمد حسن صوفياڻي هالا جي سرجن ڊاڪٽر
عبدالسلام انصاري سان ملاقات ڪندي سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس اجرڪ پڻ پيش ڪئي
إرسال تعليق