GuidePedia

0
ارفع ڪريم

ارفع عبدالڪريم رنڌاوا 2 فيبروري 1995ع تي پيدا ٿي يون سالن جي عمر ۾  2004ع ۾ هن مائڪرو سافٽ نالي واري اداري کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري  نوجوانن  ترين مائڪرو سافٽ سند  پيشوار  هجڻ جو اعزاز ماڻيو  اهو اعزاز  هن وٽ 2008ع تائين رهيو 2011ع ۾ 16 سالن جي عمر ۾ جڏهن ارفع ڪريم لاهور گرامر  اسڪول ۾ پڙهندي  هئي ته هن کي مرگهيءَ جو سخت دورو پيو جنهن جي ڪري هن جي دماغ کي سخت نقصان رسيو هن کي ڳڻتي جوڳيءَ حالت ۾ ڪمبائينڊ مليٽري اسپتال سي ايم ايڇ لاهور  ۾ داخل  ڪيو ويو  اها  خبر پوڻ تي مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس هن جي مائٽن  سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي بين الاقوامي  ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ لاءِ چيو  ته جئين ارفع ڪريم صحيح طرح علاج ٿي سگهي مگر هوءَ جيئري رهي نه سگهي
. هن 14 جنوري 2012ع تي اسپتال ۾ وفات ڪئي ارفع ڪريم جي جنازي ۾ پنجاب جي وزير اعلي شهباز شريف به شرڪت ڪئي  وزير اعلي پنجاب ارفع ڪريم جي ڪم جي مڃتا ۾ لاهور ٽيڪنالاجي  پارڪ جو نالو مٽائي  ” ارفع سافٽ ويئر پارڪ ” رکڻ جو اعلان ڪيو  ارفع ڪريم پاڪستان جي ڪيترن ئي بين الاقوامي  فرمن جيئن “ ٽيڪ ايڊ ڊويلپرز ڪانفرنس ” ۾ شرڪت ڪئي  ارفع ڪريم کي حسن ڪارڪردگيءَ جي صدارت جو اعزاز سان پڻ نوازيو  ويو بل گيٽس  کيس آمريڪا ۾ مائيڪرو سافٽ جو مرڪزي  دفتر گهمڻ جي دعوت ڏني هئي  

إرسال تعليق

 
Top