ملالا
يوسف زئي
ملالا
يوسف زئي 12 جولائي 1997ع تي سوات ضلعي جي
شهر مينگورا ۾ پيدا ٿي جڏهن ملالا اڃا اسڪول جي شاگردياڻي هئي تڏهن طالبان ڇوڪرين کي اسڪول ۾ وڃڻ کان روڪڻ شروع ڪيو 2009ع
جي شروعات ۾ 12 سالن جي عمر ۾ ملالا هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾هن سوات جي اندر طالبان جي
مختصر حڪومتي دور ۾ پنهنجي زندگي ۽ طالبان جون سوات واديءَ تي قبضي ڪرڻ جون ڪوششون
۽ ڇوڪرين جي تعليم کي ترقي ڏيارڻ بابت لکيو
9 اڪٽوبر 2012ع تي طالبان ملالا يوسف زئيءَ کي اسڪول مان موٽڻ مهل نشانو
بنايو هن کي مٿي ۽ ڳچيءَ ۾ گوليون لڳيون
حملي جي ڪيترن ئي ڏينهن تائين هوءَ بيهوش ۽ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ رهي پر جڏهن
هن جي حالت سڌري تڏهن هن کي برمنگهم ، انگلينڊ علاج لاءِ موڪليو ويو جتي هيءَ صحتياب ٿي وئي ملالا کي
پنهنجي بهادريءَ جي ڪري ڪيترائي ايوارڊ
مليا آهن ايوارڊ ملڻ واري هر تقريب ۾ ملالا تعليم جي اهميت ۽ واڌاري جي ضرورت جي
اهميت تي زور ڏيندي تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي
2014 ملالا کي ”امن جو نوبل”
انعام به ڏنو ويو آهي
إرسال تعليق