GuidePedia

0

اڏيرو لال اسٽيشن جي ڳوٺ عبدالحڪيم ڇٽو ۾ اوچتو باهه لڳڻ جي سبب45 کان وڌيڪ گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آهن،

خبرموجب ؛. اڏيرو لال اسٽيشن جي ڳوٺ عبدالحڪيم ڇٽو ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 45 کان وڏيڪ گهرن سڙي راک جڏهن ته گهرن ۾ پيل سامان  ڪڻڪ ۽ ٻيو روز مرهه زندگي  جو استعمال جو سامان به سڙي راک ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ دير پهچڻ جي ڪري سمورا گهرن باهه سڙي خاڪ ٿي ويا ، ٻئي طرف باهه جي اوچتو لڳڻ واري اطلاع تي ڳوٺ عبدالحڪيم ڇٽو جي  ڳوٺاڻن ۽ شهر واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه ته نه وسائي سگهيا پر گهرن ۾ بيٺل چوپائي مال کي بچائي ورتو ۽ متاثرين ڳوٺاڻن کُلي آسمان هيٺ پريشاني واري حالت ۾ ٻرندڙ باهه جي اُلن کي ڏسندا رهيا . جڏهن ته  45 گهرن کان مٿي گهر سڙندڙن ۾ اڪبر الدين ڇٽو، الهجڙيو ڇٽو، عبدالخالق ڇٽو، حبيب الله ڇٽو،  عبدالڪريم ڇٽو، امداد ڇٽو، عبدالستار ڇٽو، عبدالمجيد ڇٽو  ۽ ٻيا ڪيترا ئي متاثرين ٿيا آهن، جيڪي مالي سگهه نه ساري سگهڻ جي ڪري الله جي آسري کُلي آسمان هيٺيان ويٺل آهن ٻئي طرف ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن فائر برگيڊ جي گاڏي وقت تي پهچي هاته ايترو نقصان نه ٿئي ها هاڻي اسان جا ٻچا کُلي آسمان هيٺيان ويٺا آهن ، هنن حڪومت سنڌ ۽ وس وارن سان مطالبو ڪيو  هي سندن مدد ڪئي وڃي

إرسال تعليق

 
Top