GuidePedia

0
شهيد بينظير ڀٽو
 شهيد بينظير ڀٽو  21 جون 1953ع تي پيدا ٿي  هوءَ ملڪ  اڳوڻي  وزير اعظم ۽ هڪ وڏي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بانيءَ  جي وڏي نياڻي هئي هن ابتدائي تعليم جيننگز نرسري اسڪول ۽ ڪونونٽ آف جيسز ائنڊ ميري ڪراچي مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ ٻه سال  راولپنڊي پريزيٽيشن ڪويونٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي  اپريل 1969ع ۾  هارورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ان يونيورسٽي ۾ 1973ع پولٽيڪل سائنس گريجويشن ڪيائين ان کان پوءِ هن اڪسفورڊ يو نيورسٽي ۾ داخلا ورتي جتان هن فلسفه معاشيات ۽ سياست ۾ ايم اي ڪئي  بينظير ڀٽو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1977ع ۾ پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچڻ کان  ٻن هفتن کان پوءِ  جنرل ضياءَالحق ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ان کي جيل ۾ قيد ڪري ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ڇڏي
  ۽ بينظير ڀٽو کي گهر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو .
 1982ع ۾ جڏهن هوءَ فقط 29 سالن جي هئي ته پارٽيءَ جي اڳواڻ بنجي وئي اهڙيءَ طرح هوءَ پاڪستان جي پهرين عورت هئي جنهن کي اعزاز نصيب ٿيو .
1988ع ۾  شهيد بينظير ڀٽو  ڪنهن به مسلمان   رياست  ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزير اعظم  چونڊي  وئي  هوءَ آڪتوبر 1990ع تائين ملڪ جي وزير اعظم رهي هوءَ ٻيهر 1993ع ۾ پاڪستان جي وزير اعظم چونڊجي آئي ۽ نومبر 1996ع تائين عهدي تي رهي 1997ع وارين چونڊن ۾ هارائڻ هارجڻ کان پوءِ پاڻ ئي جلاوطني  اختيار ڪري دبئي  ۾ رهڻ لڳي  9 سالن کان پوءِ هو ءَ 18 اڪتوبر 2007ع تي 2008ع جي شروعات ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ واپس پاڪستان موٽي آئي هن کي 27 ڊسمبر 2007ع  ۾ چونڊ مهم دوران راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪيو ويو . شهيد بينظير ڀٽو جي مزار ڳرهي خدا بخش لاڙڪاڻي ۾ آهي

شهيدمحترمه بينظير ڀٽو  نه فقط پاڪستان  جي سياسي اڳواڻ هئي پر هوءَ عالمي اڳواڻ پڻ هئي آمريڪا، برطانيه ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪيل تقريرون، ليڪچر ۽ پڙهيل مقالا هن جي ذهانت سياسي بصيرت ۽ عالمي اڳواڻ هجڻ جو ثبوت آهن جمهوريت ۽ انساني حقن جي لاءِ سندس ڪيل جدوجهد کي مڃتا ڏيندي گڏيل قومن پاران کيس 2008ع ايوارڊ مليو آهي  شهيد بينظير ڀٽو جي وصيت مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ان جي 19 سالن جي پٽ بلاول زرداري ڀٽو ڏني وئي،

إرسال تعليق

 
Top