GuidePedia

0


 رپورٽ ؛. ڊيسڪ نيوز
لاڙڪاڻو:ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد ذوالفقار ڀٽو جي  ورسي جي انتظامن جي حوالي سان مزار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي،جنهن ۾ ڪمشنر غلام اڪبر لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي،ايس ايس پي ٽريفڪ،مزار ڪاميٽي جي اڳواڻن غلام الله ماهوٽو،عبدالفتاح ڀٽو کانسواءِ ٻين واسطيدار کاتن جي سربراهن ورسي جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت وزير اعليٰ کي تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعليٰ چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس جلد لاڙڪاڻي پهچي سڪيورٽي جي حوالي سان انتظامن جو وڌيڪ جائزو وٺندو.وزير اعليٰ ورسيءَ جي موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ انتظاميا، پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن کي وڌيڪ چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي.وڏي وزير چيو ته آزاد ڪشمير،گلگت بلتستان،خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ بلوچستان مان ايندڙ عوامي قافلن کي مزار تائين آساني سان پهچائڻ لاءِ رستن تي سائن بورڊ لڳايا وڃن ۽ سندن رهنمائي لاءِ مناسب عملو مقرر ڪيو وڃي.وزير اعليٰ ٽريفڪ جي بهتري لاءِ انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته رضاڪار به مخصوص يونيفارم ۾ هجن.ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،ڄام مهتاب حسين ڏهر،سيد ناصر حسين شاهه کانسواءِ ايم اين اي رميش لال،خورشيد احمد جوڻيجو،توقير فاطمه ڀٽو،غلام مصطفيٰ لغاري،اعجاز احمد لغاري، خير محمد شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ وزير اعليٰ سان گڏ هئا

إرسال تعليق

 
Top