GuidePedia

0
ڀٽ شاهه:درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي گادي نشين ۽ لطيفي جماعت جي چيئرمين سيد وقار حسين شاهه لطيفي درگاهه ڀٽ ڌڻي تي اوقاف عملدارن ۽ ٺيڪيدارن پاران درگاهه تي ايندڙ زائرين سان ٿيندڙ زيادتين تي چيو آهي ته اوقاف کاتي پاران درگاهه تي ٿيندڙ بدعنوانيون ۽ زائرين سان ٿيندڙ زيادتيون فوري طور بند ڪيون وڃن درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه تي سيڪيورٽي انتظام ناقص انتظامن بابت صوبائي حڪومت ۽ اوقاف عملدارن کي درگاهه ڀٽائي رحه تي سيڪيورٽي انتظامن کي بهتر ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ بار بار چيو آهي پر ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي درگاهه تي ڪو به اڻوڻندڙ واقعيو پيش آيو ته سنڌ حڪومت ان جي زميوار هوندي ، ٻئي صورت ۾ لطيفي جماعت پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي سيد وقار حسين ساهه چيو ته درگاهه تي جتين،ڪار پارڪنگ ۽ ليٽرين جا ٺيڪيدار  درگاهه تي ايندڙ زائرين کان اوقاف کاتي پاران مقرر ڪيل فيس کان ٻيڻ تي وصول ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀٽائي جي عقيدتمندن جي دل آزاري ٿي رهي آهي ۽ ڀٽائي جي زائرين سان زيادتي آهي هن وڌيڪ چيو ته درگاهه ڀٽائي رحه تي اوقاف کاتي جي عملدارن ۽ ملازمن پاران درگاهه جي نذراني جي آڙ ۾ زائرين کان لوٽ مار بند ڪرائي وڃي درگاهه تي صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته دراگاهه تي سيڪيورٽي جي لاءِ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائون به گذريل ڪيتري ئي وقت کان خراب پيل آهن جڏهن ته درگاهه تي مقرر ڪيل چند پوليس اهلڪارن مان صرف 2 ڄڻا ڊيوٽي ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري درگاهه جي سيڪيورٽي نه هئڻ جي برابر آهي اسان حڪومت کي سنڌ جي درگاهن کي حساس قرار ڏيڻ تي سيڪيورٽي خدشن بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي پر اڃان تائين حڪومت طرفان درگاهه ۽ زائرين جي حفاظت جي لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا آهن حڪمومت جي اهڙي رويئي تي لطيفي جماعت پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .  

إرسال تعليق

 
Top