GuidePedia

0


ڀٽ شاهه  رپورٽر امتياز احمد ابڙو
ضلعي انتظاميه جي نااهلي سبب  مٽياري ضلعي ۾ عام کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي اڪثر دڪاندارن ۽  هوٽل وارن چانهه ،ماني،ڀاڄي ۽ گوشت،اٽو ،چانور،کنڊ،گيهه جا اگهه چئوڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن لاڳاپيل آفيسرن جي نااهلي سبب مٽياري،کنڊو،خيبر،هالا، سعيدآباد ،ڀٽ شاهه شهر ۽ نيشنل هاءِ ويز جي هوٽل مالڪن ۽ دڪاندارن  مقرر ڪيل سرڪاري اگهن کي رد ڪندي
ريٽ لسٽون پڻ غائب ڪري ڇڏيون آهن هوٽلن تي چانهه 40 روپيه في ڪپ،دال في پليٽ 150روپيه،مرغي 1200 روپيه في ڪلو ،في ماني 12 روپيه وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته غريب پورهيت ماڻهن جو رت چوسيندڙ هوٽل مالڪن خلاف ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي دڪاندارن  اٽو،کنڊ،گيهه،چانور،دال،ڀاڄي،گوشت ۽ ٻين روز مرهه جي استعمال جي شين جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي غريب عوام جي خريداري کان چوٽ چڙهيل آهن جنهن سبب عوام سخت پريشان آهن  عوام پاران شڪايتون ڪرڻ باوجود به ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن  نوٽيس ئي نه ورتو آهي جڏهن ته پرائز ڪنٽرول ڪميٽي جو ضلعي اندر ڪٿي ڪو ڏس پتو ئي ڪونهي  هوٽل مالڪ ۽ دڪاندار قانون جي کلي عام خلاف ورزي ڪندي عوام سان ظلم ڪري رهيا آهن هوٽل مالڪ کاڌي پيتي جي شين جي مقرر ٿيل ريٽن ۾ منماني ڪندي عوام جي حق حلال ۽ پورهيئي جي پئسن مان چئوڻ تي وڌيڪ منافعو وٺي  کين ٺڳي رهيا آهن سنڌ ترقي پسند پارٽي ڀٽ شاهه جي اڳواڻ حاڪم علي سولنگي چيو آهي ته ضلعي مٽياري اندر منعافي خور هوٽل مالڪن ۽ دڪاندارن مٿان ڪيس داخل ڪاروائي ڪئي وڃي غلام حيدر نظاماڻي چيو آهي ته ضلعي اندر  منافي خور هوٽل مالڪ ۽ دڪاندار ن مٿان ڇاپا هڻي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ضلعي مٽياري جي سياسي و سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ،  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر هالا کان ضلعي اندر منافعي خور واپارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .
   


إرسال تعليق

 
Top