GuidePedia

0


هالارپورٽ ۽ تصويرون: نديم مڱريو
نامور سينيئر سماجي اڳواڻ ۽ هالا پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر نانا ڌڻي بخش ميمڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هالا پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ هالا جي مختلف مدرسن جي طالب علمن پاران مرحوم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي، تعزيتي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري صحافي نانا ڌڻي بخش کي ڀيٽا ڏيندي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو، اڳواڻن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي مٽياري جي اڳواڻ نصير احمد ميمڻ، مخدوم سهيل الزمان، سنڌ سڪار سوسائٽي جي چيئرمين سردار اياز ميمڻ، جسقم ضلعي اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو، ايس يو پي اڳواڻ انور ٻرڙو، جيئي سنڌ تحريڪ جو جمن لاکو، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سيد حاڪم علي شاهه، پ پ اڳواڻ محمد اسماعيل ونڊيار، شاعر اديب ۽ دانشور نظام الدين ڪاڪا، صحافين ۾ عبدالغفور ميمڻ، نديم مڱريو، افتخار ميمڻ ، اشتياق شيخ، عبدالرزاق ميمڻ، انوارالحق ميمڻ، عقيل احمد ڀنڀرو، امان الله ڏاهري، عبدالڪريم ميمڻ، مسعود مهدي، مشتاق ميمڻ، رستم سمون، امداد چانگ، منصور حيات بلوچ، قربان علي ڪيريو ، غلام حسين غازي، مختياري ڪيريو، عمير ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مرحوم صحافي نانا ڌڻي بخش ميمڻ وڏي عرصي کان حق ۽ سچ جي پاداش ۾ لازوال قربانيون ڏنيون، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هنن چيو ته قلم جي طاقت سان هي ظلم ، جبر ۽ ناانصافين خلاف هر دور ۾ صحافي ڀرپور نموني سان آواز اٿاريو آهي جنهن ۾ هن هر زورآور جو مقابلو ڪندي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي، هنن چيو ته انشاء الله هالا پريس ڪلب کي مرحوم صحافي هڪ عظيم سوچ ڏئي ويو آهي جنهن جي مشن تي هلندي ڪڏهن به جابر ۽ ظالم جي خلاف ڪنڌ نه جهڪايو ويندو ، هنن چيو ته مرحوم صحافي نه صرف هالا ۾ سماجي ۽ معاشرتي براين خلاف آواز اٿاريو بلڪه محبت جي وجود کي ۽ حق جي آواز کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي سندس معصوم نياڻين کي پڻ همت افزائي ڪندي پنهنجي طرفان ۽ سرڪار طرفان هر ممڪن سهڪار ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي، ان کان اڳ مرحوم صحافي جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ درود پاڪ جو ورد ڪندي خصوصي دعائون گهريون ويون، ۽ آخر ۾ خيرات جي ماني تقسيم ڪئي وئي. ان موقعي تي سڀني صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وفاقي وزير اطلاعات، صوبائي وزير اطلاعات، وزيراعلى سنڌ، مٽياري ضلعي جي ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان، ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان ۽ صوبائي وزير روينيو مخدوم جميل الزمان، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ، ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهد پرويز ۽ ميڊيا جي تنظيمن ۾ پاڪستان فيدرل يونين آف جرنلسٽ، سنڌ صحافي سنگت، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ، فري جرنلسٽ فائونڊيشن، ڪراچي اسلام آباد جي صحافين کان پرزور مطالبو ڪيو ته هالا جي مرحوم صحافي نانا ڌڻي بخش ميمڻ جي نياڻين ۽ بيوه لاءِ خصوصي فنڊ ۽ وظيفو جاري ڪيو وڃي.

إرسال تعليق

 
Top