GuidePedia

0

ڀٽ شاهه رپورٽ ؛. قاسم پلال

حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو مقدس شهر ڀٽ شاهه ضلعي انتظاميه جي لاپرواهي بي ڌياني سبب انيڪ مسئلن ور چڙهي ويو آهي شهر جي مالڪي نه ٿيڻ سبب شهر کنڊرات بڻجي ويو آهي شهر جا مک روڊ رستا درگاهه روڊ،اسٽيشن روڊ،ڀٽ شاهه ٽو هالا لنڪ روڊ،چودگي ،اسپتال روڊ، پي ٽي سي ايل ايڪسچئنج ،هاءِ اسڪول، مين پرائمري اسڪول، بوائز ائنڊ گرلز ڪاليج،صوفي يونيورسٽي روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن شهر جون گهٽيون،،فٽ پاٿون ،گٽر نالا به ٽٽي ويا آهن الله والا درگاهه روڊ جي فٽ پاٿ تي لڳل لوهي گرل پڻ ٽٽي وئي آهي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن،درسگاهن ،عبادتگاهن،قبرستانن اڳيان هر وقت گندگي ۽ بدبودار پاڻي بيٺل رهي ٿو جڏهن ته شهر جي مين شاهي بازار، سبزي،گوشت مارڪيٽ،درگاهه چاڙي، دنبوره چوڪ،پوسٽ آفيس روڊ،اسٽيشن روڊ،لطيف ڪالوني،ٻگهيه محله،پير محله ،شيخ محله،پراڻو ملاکڙا گرائونڊ ،شهر جي دڪانن،درسگاهن،عبادتگاهن اڳيان گندگي تمام گهڻي وڌي وئي آهي شهر جي روڊن جي ٻنهي ڪپرن تي گند ڪچري جا ڍير پيل آهن صفائي وارو عملو ۽ ٽائون عملدار ڊيوٽي تان غائب آهن شهر جا گٽر نالا ابتا وهي رهيا آهن جنهن سبب درگاهه تي ايندڙ زائرين،مسافر،شهري تمام گهڻا پريشان آهن شهر ۾ صفائي سٿرائي ،تيل ۽ ٻين ڪم ڪار جي مد ۾ هر مهيني لکين روپيه ملڻ باوجود شهر ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ڪيو ويو آهي ميونسيپل ڪميٽي هالا ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ بدعنوانين جي سڄاڻ ڌرين پاران نيب،ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن کان اعلى سطحي ابتداعي جاچ ڪرائڻ ۽ ملوث آفيسرن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

إرسال تعليق

 
Top