GuidePedia

0
Dc Matiari Ghulam Murtaza Shaikh Visiting Varous Examination
مٽياري ،؛ رپورٽ قاسم حسين

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ تعليم کاتي جي عملدارن، استادن ۽ والدين تي زور ڀريو آهي ته اهي معاشري مان ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ڇاڪاڻ ته ڪاپي ڪلچر اسان جي نوجوان نسل کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي جنهن مان جان ڇڏائڻ تمام ضروري آهي.


هو اڄ تعليمي بورڊ جي مٽياري ضلعي ۾ هلندڙ نائين ۽ ڏهين جماعت جي امتحانن جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪري رهيو هو.ان موقعي تي تعليم کاتي جا عملدار.ويجيلنس ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. ڊپٽي ڪمشنر ان موقعي تي وڌيڪ چيو ته ڪاپي جي ڪري اسان جي نوجوانن کي ڪنهن به اداري ۾ نوڪري نٿي ملي ۽ اهي ميرٽ بدران سفارش تي ڀاڙين ٿا جيڪو تمام گھڻو نقصان ڪار آهي.هن چيو ته پنهنجي قابليت سان امتحان پاس ڪندڙ شاگردن کي نه صرف سرڪاري نوڪري آساني سان مليو وڃي پر ذهين ۽ قابل نوجوانن لاءِ ملٽي نيشنل ڪمپنين سميت ٻاهرين ملڪن ۾ به روزگار حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي ذريعا موجود آهن جڏهن ته ڪميشن ذريعي به اعلى پوسٽون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.هن شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته سندن بهتري ان ۾ آهي ته اهي اجايو وقت ضايع ڪرڻ بدران پنهجي پڙهائي ڏي ڌيان ڏين ۽ پنهجي والدين جي خوابن کي ساڀيان ڪن.هن چيو ته ڪاپي جا ڪيترائي نقصان آهن سموري معاشري کي گھرجي ته ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري اسان کي پڙهيل ۽ ذهين شاگرد گھرجن جن کي اڳتي هلي ملڪ جون واڳون سڀالڻيون آهن.هن چيو ته ڪاپي ڪندڙ شاگردن کي پڪڙي ڪلاس روم مان ڪڍيو وڃي جڏهن ته ڪوتاهي ڪندڙ استادن سميت ٻئي عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

إرسال تعليق

 
Top