GuidePedia

0
اڏيرولعل جي رهواسي نوجوان لالجي ولد نارو ڀيل ڪوٽڙي جي رهواسڻ مينا ڌيءَ مان سنگ ڪولهي سان حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو
هالارپورٽ ۽ تصويرون: نديم مڱريو
اڏيرولعل جي رهواسي نوجوان لالجي ولد نارو ڀيل ڪوٽڙي جي رهواسڻ مينا ڌيءَ مان سنگ ڪولهي سان حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، نوجوان ناري ۽ سندس مڙس کي مائٽن مان جان جو خطرو تحفظ جي گهر،

خبر موجب اڏيرولعل جي رهواسي نوجوان لالجي ڀيل ڪوٽڙي جي رهواسڻ مينا ڪولهي سان پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد هالا پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان گذريل ڪيتري ئي وقت کان هڪٻئي سان پيار ڪندا هئاسون جڏهن ته هن وقت مينا ڪولهي ٽن مهينن جي پيٽ سان آهي، نوجوان ناري مينا ڪولهي ٻڌايو ته منهنجا مائٽ لالچي قسم جا ماڻهو آهن ۽ هو مون کي پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا ڳالهه مون کي پسند نه آهي جڏهن ته آئون لالجي ڀيل سان پيار ڪريان ٿي جنهن سان مون پنهنجي رضا خوشي سان پنهنجي مائٽن جو گهر ڇڏي پنهنجي مذهب موجب شادي ڪري ڇڏي آهي، نوجوان لالجي ڀيل ٻڌايو ته مون ڪيترائي ڀيرا مينا جي مائٽن کان سندس سڱ گهريو پر هنن انڪار ڪيو جنهن بعد اسان حيدرآباد جي ڪورٽ سڳوري ۾ پنهنجي رضا خوشي سان پنهنجي مذهب مطابق شادي ڪري ڇڏي آهي، هنن ٻڌايو ته اسان جي شادي کان پوءِ اسان جا مائٽ مانسنگ ڪولهي، ڌرمون ڪولهي ۽ سندن ساٿي وڏيرو علي دوست کوسو، مودو برفت، اميربخش برفت، عزيز سمون اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ اسان کي ڪاروڪاري ڪري مارڻ چاهين ٿا، جڏهن ته اسين هن وقت دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون ۽ سخت خوف ۾ مبتلا آهيون هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته مذڪوره ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

إرسال تعليق

 
Top