GuidePedia

0

هالارپورٽ ۽ تصويرون: نديم مڱريو

سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله راشدي پير پاڳارو جي ورسي جي سلسلي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ نصير احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ  ميمڻ هائوس هالا تي هڪ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن  ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻن، عهديدارن، ميمبرن، ميمڻ اتحاد جي سوين ڪارڪنن، هالا جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ نصير احمد ميمڻ، جسقم ضلعي اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو، سنڌ سڪار سوسائٽي جي چيئرمين سردار اياز ميمڻ، وسوا چيئرمين رحمت الله ترڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن انگريز سنڌ تي قابض ٿيا ان وقت شهيد سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻي ملڪ ۽ قوم جي جياپي لاءِ اٿي کڙو ٿيو، سورهيه بادشاهه انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي سنڌ جي جياپي جي جنگ وڙهي پر انگريزن اڳيان ڪونه جهڪيو، حر تحريڪ ۾ انگريزن هزارين حرن کي قطارن ۾ بيهاري گولين جو نشانو بڻايو ۽ ڪيترن ئي حرن کي مشينن ۾ ڏئي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو پر حر تحريڪ کي جهڪائي نه سگهيو، اها حرن جي ۽ سنڌ وطن جي خوش قسمتي هئي جو پير صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه جهڙو اڳواڻ انهن کي مليو، سورهيه بادشاهه کي انگريزن جي فوجي ڪورٽ ۾ ڦاسي جو آرڊر ڏنو جنهن تي سورهيه بادشاهه انگريزن سان آزادي جي جنگ ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو پر مفاهمت قبول نه ڪيائين ۽ سنڌ جي آزادي تان دستبردار نه ٿيو، ان موقعي تي تقريب کي نورمحمد سهتو، انور ٻرڙو، حاجن ابڙو

إرسال تعليق

 
Top