GuidePedia

0
Shah Abdul Latif Bhittai 335 Jashan wiladat Mubark

ڀٽ شاه (رپورٽ  عمران راجپوت  

سنڌ جي لاکيڻي لطيف جو 335 هون جنم ڏينهن ڀٽ شاهه ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو  ڀٽائي رحه جي  مزار  سميت سڄي شهر کي شاهه لطيف فائونڊيشن جي جهنڊن،بينرن،رنگ برنگي بلبن ۽ جهالرن سان  ڪنوار جيان سينگهاريو ويو آهي


 ڀٽائي رحه جي ولادت واري ڏهاڙي  جي موقعي تي  شاهه لطيف فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ درگاهه ڀٽائي رحه جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه پاران سيد مصطفى شاهه، سيد خاور حسين شاهه  ،ماروي ميمڻ ڀٽائي جي مريدن،عقيدتمندن ،فقير فقرائن ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن جي ميمبرن سان گڏجي ڀٽائي سرڪار جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ڀٽائي رحه جي ولادت جي تقريب جو باقاعدا آغاز  ڪيو  تقريب جي شروعات ۾ راڳي فقير قادر بخش پاران  ڀٽائي رحه جي راڳ پيش ڪيو جنهن بعد گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي  سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو  ڀٽائي رحه جي ولادت جي سلسلي ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن پاران درگاهه جي صحن ۾ رٿيل  پروقار تقريب ۾ درگاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو قائم مقام سجاده نشين سيد اسد شاهه ،ن ليگ اڳواڻ ماروي ميمڻ ڀٽائي خاندان جا فرد سيد خاور حسين شاهه ،سيد مصطفى شاهه، سيد محمد شاهه ،ڪلپنا ديوي،آنسو ٻائي ،مخدوم غلام حي الدين ،ظهير ميراڻي،نصير مرزا،فهد خان وساڻ،سيد فدا حسين شاهه،صاحب خان شيخ ڀٽائي جي مريدن،عقيدتمندن ،زائرين،شاهه لطيف فائونڊيشن جي ميمبرن  سميت سياسي ، سماجي ، مذهبي اڳواڻن ، اديبن ، دانشورن ، صحافين هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي  شاهه لطيف فائونڊيشن پاران بهترين ڪارڪردگي تي ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي صدر گل حسن راجپوت، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين ماروي ميمڻ،ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ ،ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام مرتضى شيخ ، سيد خاور حسين شاهه ،سيد مصطفى شاهه، سيد محمد شاهه ،ڪلپنا ديوي،آنسو ٻائي ،مخدوم غلام حي الدين ،ظهير ميراڻي،نصير مرزا،فهد خان وساڻ،سيد فدا حسين شاهه،صاحب خان شيخ سميت 50 کان وڌيڪ مشهور دانشورن ۾ ايوارڊ ورهايا ،شاهه لطيف فائونڊيشن پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ اڳواڻن پاران ڀٽائي گهوٽ جي زندگي تي مقالا پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي  جڏهن ته صوفي فنڪارن پاران ڀٽائي جا ڪلام ۽ صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا ويا،ڀٽائي هميشا امن ، محبت ۽ ڀائيچار ي جو درس ڏنو آهي ان فلسفي جي هن وقت دنيا کي تمام گهڻي ضرورت آهي ، ڀٽائي جا عقيدتمندن نفرتون ختم ڪري پاڻ ۾ اتحاد ۽ محبت قائم ڪن موجوده حالتون تمام خراب نظر اچي رهيون آهن ان لاءِ صوفي ازم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه ،،  تقريب دوران شاهه لطيف فائونڊيشن جي رضاڪارن ۽ پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا هئا ، پانڌيئڙن ۾ لنگر نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو ،خبر موجب ؛ دنيا جي عظيم مفڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 335 هون جنم ڏينهن سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ، شاهه فائونڊيشن پاران درگاهه ڀٽائي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي ، جشن ولادت جي سلسلي درگاهه ڀٽائي کي رنگ برنگي بلبن ، شاهه لطيف فائونڊيشن جي جهنڊن ۽ بئنرن سان سينگاريو ويو هو ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين شاهه سائين جا چاهيندڙ ڀٽ شاهه پهچي جنم ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڀٽائي جي مزار تي حاضريون ڀري دعائون گهريون ، جنم ڏينهن جي حوالي سان بلڙي شاهه ڪريم جي قائم مقام گادي نشين سيد اسد شاهه ، سچل سرمست جي گادي نشين ميان عبدالحق فاروقي ، بلڙي شاهه ڪريم جي ولي عهد سيد محمد شاهه ، وفاقي وزير ماروي ميمڻ ،سيد مصطفا حسين شاهه ، سيد خاور حسين شاهه  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه شاهه لطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چارهي دعا گهري وئي ،جنهن بعد درگاهه جي احاطي ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن طرفان جشن ولادت جي تقريب منعد ڪئي وئي ، تقريب دوران درگاهه ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي جي اڳواڻي ۾ ڀٽ ڌڻي جي 335 هين جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ اجتماعي دعا گهري وئي ، ان موقعي تي بلڙي شاهه ڪريم جي قائم مقام گادي نشين سيد اسد شاهه ، سچل سرمست جي گادي نشين ميان عبدالحق فاروقي ، بلڙي شاهه ڪريم جي ولي عهد سيد محمد شاهه ، وفاقي وزير ماروي ميمڻ ، راجا خليق انصاري ، ڀٽائي خاندان جي فردن سيد مصطفا حسين شاهه ، سيد خاور حسين شاهه ، ڊاڪٽر جواد حسين ،سيد فدا حسين شاهه ، سيد فيض عباس شاهه ، اديبن ، دانشورن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن تاج جويو ،ڪلپنا ديوي ،فهد خان وساڻ ، صاحب خان شيخ ، زوار بخت حسين سميت شاهه لطيف فائونڊيشن جي عهديدارن ، ميمبرن ، صحافين ۽ ڀٽائي گهوٽ جي عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ،تقريب دوران درگاهه ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي خطاب ڪندي چيو تـ ڀٽائي سرڪار هميشا امن ، محبت ، ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي ان جي فلسفي تي دنيا اندر هاڻي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي هن چيو تـ موجوده حالتون انتهائي خراب نظر اچي رهيون آهن جنهن لاءِ صوفي ازم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ، هن چيو تـ ڀٽائي سرڪار جو جنم ڏينهن اسان لاءِ عيد جو ڏينهن آهي جنهن لاءِ سڀني کي ان خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي ، شاهه لطيف فائونڊيشن پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ راڳ رنگ جي محفل پوري رات جاري رهي جنهن ۾ فنڪارن پاران شاهه سائين جون وايون ۽ ڪلام پيش ڪيا ويا ۽ پانڌيئڙن ۾ لنگر نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو ، جشن ولادت جي موقعي تي شاهه لطيف فائونڊيشن جي رضاڪارن ۽ پوليس پاران سيڪيورٽي جا فرائض سرانجام ڏنا ويا ،                                                                             

إرسال تعليق

 
Top