GuidePedia

0
HALA ALL PARTY CONFERENCE PICTURE
 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
 پروگريسو الائنس ضلع مٽياري جي طرفان مٽياري جي مسئلا ۽ انهن جي حل جي عنوان هيٺ غازي هال هالا ۾ هڪ روزه ڪانفرنس ڪوٺائي وئي 

جنهن ۾ پروگريسو الائنس جي چيئرمين ۽مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصيراحمد ميمڻ،پرويز احمد ميمڻ، مسلم ليگ ن حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد شاهه زمان شاهه، جماعت اسلامي جي نائب امير عطاء الرحمان ڪوريجو، سنڌ نيشنل تحريڪ جي مرڪزي چيرمين اشرف نوناري، ڊيموڪريٽڪ گروپ جي چيئرمين پروفيسر مشتاق ميراڻي، سنڌ سڪار سوسائٽي جي چيئرمين سردار اياز ميمڻ، ايس يو پي جي انور ٻرڙو، جسقم جي عبدالرشيد ڏيٿو، منصور نواز ڀيون، سيد حاڪم علي شاهه، ڪامريڊ شيرمحمد ڏاهري، منير ارباب، عامربهزاد ميمڻ،وسيم ٻگهيو، پروفيسر نياز ميمڻ، رحمت الله ترڪ، هئنڊس جي حاجي احمد خاصخيلي، ايس ٽي پي جي ڄام شوڪت ابڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مٽياري ضلعي ۾ هميشه مخدوم خاندان جي هڪ هٺي قائم رهي آهي ۽ سدائين اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود مٽياري ضلعي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جي بجاءِ رڳو ڪرپشن ڪئي آهي ۽ عوام لاءِ آيل فنڊ هڙپ ڪيا آهن ۽ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا آهن جنهن سبب مٽياري ضلعي جو عوام وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته مٽياري ضلعو ٺهڻ وقت ڀٽ شاهه يا هالا کي ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ٿيڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو، هنن چيو ته هن وقت مٽياري ضلعي ۾ رڪارڊ تيل جا ذخيرا برآمد ڪيا ويا آهن پر انهن مان ضلعي مٽياري جي عوام کي ڪوبه فائدو نه پهچي رهيو آهي ۽ انهن کان ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي، مٽياري ضلعي جون اسپتالون ڀوت بنگلن ۾ تبديل ٿي ويون آهن، ضلعي جي اسپتالن ۾ ايمبولينس جي ڪابه سهولت موجود نه آهي جڏهن ته دوائون اڻ لڀ آهن، هنن چيو ته مٽياري ضلعي ۾ نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ته نه ٿيون ملن پر حڪومت جي طرفان ڪوبه انڊسٽريل ايريا نه آهي اگر انڊسٽريون لڳل هجن ته ڪافي سارا نوجوان پنهنجي گذر سفر کي لڳي ويندا ۽ بيروزگاري گهٽ ٿيندي، هنن چيو ته مٽياري ضلعي جي نوجوانن لاءِ آيل نوڪريون هتان جي چونڊيل نمائندن پنهنجي من پسند ماڻهن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيون ۽ هاڻ صرف عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن، هتان جي ڪامورا شاهي هتان جي سياسي ڀوتارن جي ونگار وهندي عوام کي ڪوبه رليف نه ڏئي سگهي آهي ضلعي ۾ ڪرپشن جو راڄ آهي جيڪو به آفيسر اچي ٿو اهو ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي هليو وڃي ٿو ۽ انهن کان ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي، هنن چيو ته مٽياري ضلعي جي ادارن ۾ ڪرپشن خلاف 26 اپريل کان ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ بک هڙتالي ڪئمپون قائم ڪري احتجاجي تحريڪون شروع ڪيون وينديون ۽ جيسيتائين مٽياري ضلعي جي عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا تيسيتائين اسان جي احتجاجن، ڌرڻن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو

إرسال تعليق

 
Top