GuidePedia

0


ڀٽ شاهه رپورٽ ؛. سهراب خان ڪاڪا
 ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي صدر گل حسن راجپوت جي زرعي زمين مان 400 مڻ ڪيلي جو فصل واپاري  ڪٽرائي کڻي ويو ،ٽنڊوآدم روڊ ڀرسان بيٺل ڪيلي جي فصل کي واپاري چورن جي روپ ۾ وڍرائي نامعلوم هنڌ کڻي فرار ٿي ويو ڀٽ شاهه ٿاڻي تي واپاري خلاف درخواست داخل ، صحافي برادري پاران سخت لفظن ۾ مذمت ، واپاري انور ڪڇي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ،


خبر موجب ؛ ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي صدر گل حسن راجپوت جي ٽنڊو آدم روڊ ڀرسان زرعي امين ۾ بيٺل ڪيلي جي فصل مان 400 مڻ ڪيلو واپاري انور کڇي وڍرائي نامعلوم هنڌ کڻائي فرار ٿي ويو ، ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي صدر گل حسن راجپوت ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پهچي واپاري انور کڇي خلاف 400 مڻ ڪيلو چوري ڪرڻ جو درخواست جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ، ٻي پاسي واقعي خلاف ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي صحافين ۾ تاءُ پکڙجي ويو ، صحافين مستقيم سمون ، رجب بوزدار ، منير آڪاش ، اختيار ميرجت ،عبدالستار راجپوت ،شاڪر انصاري ، فيروز گل ٿهيم ، عابد حسين شاهاڻي ، عليم شاهاڻي ، محمد جمن چوهاڻ ، عبدالجبار راجپوت ، امتياز احمد ابڙو ، عبدالقيوم راجپوت ۽ ٻين اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي تـ واپاري انور کڇي خلاف ڪارروائي ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ چوري ٿيل ڪيلو فوري طور واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ صحافي برادري احتجاج جو سلسلو وسيع ڪندي ، جڏهن تـ رابطي ڪرڻ تي ڀٽ شاهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد حنيف مهر چيو تـ بلڪل درخواست ملي آهي ،هن چيو تـ واپاري جو تعلق نيو سعيد آباد سان آهي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ صحافي برادري سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو ، جيڪڏهن صحافي برادري ڪيس داخل ڪرائيندي تـ اهو بـ داخل ڪيو ويندو ،   

إرسال تعليق

 
Top