GuidePedia

0
bhit shah shah abdul latif bhattai jashan waladat 335


ڀٽ شاهه رپورٽ ؛. سهراب خان ڪاڪا
 لاکيڻي لطيف جو 335 هون جنم ڏينهن سڀاڻي (اڄ) ڀٽ شاهه ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي  شاهه لطيف فائونڊيشن پاران  درگاهه ڀٽائي تي ڀٽائي سرڪار جي جنم ڏهاڙي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن 


 مزار کي رنگ برنگي بلبن ۽ جهالرن سان  ڪنوار جيان سينگهاريو ويو آهي ڀٽائي رحه جي ولادت واري ڏهاڙي  جي موقعي تي شاهه لطيف فائونڊيشن پاران مزار تي چادر جي رسم بعد تقريب منعقد ۽ گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي جي اڳواڻي ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو ، شاهه لطيف جي جشن ولادت جي سلسلي ۾ اڄ پهرين رجب ، 9 اپريل شام جو 5 بجي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي ۽ بعد ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن پاران درگاهه جي صحن ۾ هڪ پروقار تقريب رٿي وئي آهي جنهن ۾ درگاهه بلڙي شاهه ڪريم جي گادي نشين سيد اسد علي شاهه ، سيد مصطفا حسين شاهه ۽ سيد خاور حسين شاهه لطيفي سميت ڀٽائي خاندان جي فرد ،مختلف درگاهن جا گادي نشين ، سياسي ، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ ، شاهه لطيف فائونڊيشن جا ميمبر ، عهديدار ۽ ڀٽائي سرڪار جا مريد ۽ عقيدتمند وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا ، تقريب دوران شاهه سائين جي 335 هين جنم ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪٽي اجتمائي دعا گهري ويندي  ۽ مختلف علائقن مان آيل اديب ، دانشور ، شاعر ، محقق ۽ سياسي اڳواڻ ڀٽائي جي زندگي تي روشني وجهندا ۽ مقالا پڻ پيش ڪيا ويندا ، تقريب دوران شاهه لطيف فائونڊيشن جا عهديدار پنهنجي ساليانا ڪارڪردگي رپورٽ پڻ پيش ڪندا ۽ گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي خطاب ڪندو ،تقريب جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي ويندي جيڪا رات دير تائين جاري رهندي جنهن ۾ مختلف فنڪار شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪلام پيش ڪندا ،
ڀٽ شاهه ؛
ڀٽ ڌڻي جي جشن ولادت ڏهاڙي کي حڪومت وساري ڇڏيو حڪومتي سطح تي ڪوبـ پروگرام نـ رٿيو ويو آهي ،درگاهه ڀٽائي سنڌ حڪومت اوقاف کاتي جي حوالي هئڻ باوجود حڪمرانن طرفان سنڌ جي عظيم بزرگ هستي ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي جنم ڏينهن تي ڪنهن بـ قسم جي ڪا تقريب پڻ نـ رکي وئي آهي ۽ نـ ئي گادي نشين ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن سان ڪنهن سهڪار جو اعلان ڪيو ويو آهي ايتري قدر جو حڪومت سنڌ طرفان عام موڪل جو اعلان پڻ نـ ڪيو ويو آهي جنهن جي ڀٽائي سرڪار جي عقيدت مندن توڙي سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ڀٽائي سرڪار پوري دنيا اندر هڪ الڳ مقام رکي ٿو ان جي جنم ڏينهن کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ گهرجي ها،   
ڀٽ شاهه ؛
جشن ولادت جي سلسلي حفاظتي انتظام سخت ڪندي اضافي پوليس نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي ڀٽ شاهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد حنيف مهر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تـ جشن ولادت جي حوالي سان اضافي نفري طلب ڪئي وئي آهي سڀني داخلي رستن ۽ درگاهه جي اندر توڙي ٻاهر حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويندا ،هن چيو تـ درگاهه تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ موجود آهن ۽ دنبورا چوڪ ، درگاهه چاڙهي تي پڻ اضافي پوليس مقرر ڪئي ويندي ، هن چيو تـ جشن ولادت جي اندر توڙي ٻاهر پوليس جا جوان وردي سان گڏو گڏ سادن ڪپڙن ۾ بـ  موجود هوندا ۽ هر شڪر ماڻهو تي نظر رکي ويندي ،
ڀٽ شاهه ؛

اوقاف کاتي جي عملدار عبد الشڪور بوزدار چيو آهي تـ اوقاف کاتي طرفان جشن ولادت جي موقعي تي صفائي جي عمل بهتر بڻايو ويو آهي ، درگاهه تي ايندڙ زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون ، هن چيو تـ اسان جا ملازم سڀ ڊيوٽي تي موجود هوندا ، جشن ولادت جي موقعي تي صفائي سان گڏ درگاهه تي لائيٽنگ ، لنگر نياز جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي ، هن چيو تـ هي ڏهاڙو گادي نشين ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن طرفان ملهايو ويندو آهي ،

إرسال تعليق

 
Top