GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

پروگريسوالائينس مٽياري پاران (مٽياري ضلعي جا مسئلا۽ انهن جاحل)جي سلسلي۾ 10 اپريل آچرڏهاڙي تي هالاجي غازي هال ۾ هڪ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو آه


.ان سلسلي ۾ الائنس جي چيئرمن نصيراحمد ميمڻ جي زيرصدارت فنڪشنل ليگ آفيس هالا ۾ هڪ اهم گڏجاڻي پڻ ٿي گذري جنهن۾ ضلعي مٽياري سان تعلق رکندڙ سمورين سياسي،سماجي،مذهبي،شهري،صحافي ۽مختلف اين جي اووز جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي مذڪوره ڪانفرنس کي ضلعي مٽياري جي عوام لاءَ هڪ بهتر قدم قرار ڏيندي ان ۾ ڀرپورشرڪت جي يقين ڏياني ڪرائي.جڏهن ته ٻئي طرف مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ،پروگريسوالائينس مٽياري جي  چيئرمن نصير احمد ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الائينس جي پليٽ فارم تان ضلعي جي آبادگارن کي باردانو نه ملڻ تي اڄ جمعي ڏهاڙي سرڪاري گدام آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻڻ جواعلان ڪندي هن چيو ته ضلعي مٽياري جي عوام کي ڪنهن فرد واحد يا ڪنهن هائوس جي رحم وڪرم تي نه ڇڏيو ويندو ۽ هر طبقي جي ماڻهو کي سندن حق ڏياريا ويندا.هن چيو ته ضلعي مٽياري ۾ عوام جي مد د۽ سندن مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءَ قائم ڪيل عوامي اتحاد قائم آهي اهو ڪنهن فرد تي ٺاهيل نه هوجنهنجي وڃڻ سان اهو ختم ٿي وڃي ان اتحاد جون پاڙون ضلعي مٽياري جي غريب ۽ باشعور عوام سان جڙيل آهن جنهن کي ڪير به جدا نٿو ڪري سگهي.ان موقعي تي ساڻس گڏ جھسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو،ڪامريڊ سردار اياز ميمڻ،عمير ميمڻ،گلزاراحمد ميمڻ،سميت مختلف تنظيمن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 

إرسال تعليق

 
Top