GuidePedia

1
bhit shah wapda mulazim ahtajaj kar rahe hen







ڀٽ شاهه  رپورٽ امتياز احمد ابڙو
ڀٽ شاهه ڀرسان ٿهيم چيڪ پوسٽ وٽ ريڊنگ تان واپس موٽندي مڇريل ماڻهن واپڊا عملدارن تي حملو ڪري ڇڏيو موٽر سائيڪل سوار  واپڊا عملدار اسلم راجپوت ۽ نشان کوسو کي گس تي روڪي هر هڪ ڌڻي پرتو ڀاڻو،گل محمد پنڃارو،الهه بخش پڃارو سميت 10 ڄڻن لٺين،لتن،مڪن،ٺونشن سان سخت تشدد ڪندي رتورت ڪري فرار ٿي ويا تشدد سبب واپڊا هائيڊرو يونين ڀٽ شاهه جو چيئرمين عملدار اسلم راجپوت ۽ نشان کوسو سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته حملو ڪندڙ جوابدار  واپڊا عملدارن جا ٻه سرڪاري موبائل فون ۽ ريڊنگ بڪ پڻ  پاڻ سان کڻي ويا  زخمي عملدارن کي روڊ تي ڪريل ڏسي راهه ويندڙ چنگچي ڊرائيور ٻنهي ڄڻن کي ڀٽ شاهه اسپتال پهچايو جتي ترت اعلاج بعد زخمي واپڊا عملدار اسلم راجپوت جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ سبب کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جي خبر پوڻ تي زخمي واپڊا عملدارن جا عزيز ۽ واپڊا جا ملازم وڏي تعداد ۾ ڀٽ شاهه اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا  واپڊا ملازمن پاران واپڊا هائيڊرو يونين ڀٽ شاهه جي چيئرمين محرم علي خاصخيلي،غلام عباس ملوکاڻي،سليم سومرو،صفر کوسو،گل خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي مظاهرو ڪندڙ واپڊا ملازم محرم علي خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته واپڊا جا عملدار اسلم راجپوت ۽ نشان کوسو موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ڪمب داڙو مان ريڊنگ ڪري واپس موٽي رهيا هئا ته ٿهيم چيڪ پوسٽ وٽ ڳوٺ ڪمب داڙو جي بااثر ماڻهن ڌڻي پرتو ڀاڻو،گل محمد پنڃارو،الهه بخش پنڃارو سميت ٻين 10 ڄڻن ڌاڌاگيري ڪندي واپڊا عملدارن کي روڪي انهن تي لٺين ،مڪن،ٺونشن سان سخت تشدد ڪري فرار ٿي ويا هن چيو ته مذڪوره جوابدارن جا بجلي ڪنيڪشن ڊائريڪٽ لڳل هئا ۽ ريڊنگ دوران متاثر واپڊا ملازمن انهن ڊائريڪٽ ڪنيڪشنن جا فوٽو ڪڍيا جنهن تان مذڪوره ماڻهن ڪاوڙ ۾ اچي واپڊا ملازمن مٿان تشدد ڪيو آهي هن چيو ته حملو ڪندڙ جوابدار عملدارن جا ٻه سرڪاري موبائل فون ۽ هڪ ريڊنگ بڪ پڻ پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا آهن هن چيو ته واپڊا ملازم اسان جا ڀائر آهن انهن تي تشدد ڪندڙ جوابدارن مٿان ايف آءِ آَر ڪٽرائي کين قانون موجب سزا ڏياري تشدد جو نشانو بڻيل واپڊا عملدارن کي انصاف ڏيارينداسين احتجاج ڪندڙ واپڊا ملازمن حڪومت سنڌ،ضلعي انتظاميه،ايس ايس پي مٽياري،ايس ايڇ او ڀٽ شاهه کان جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي صورت ۾ احتجاج جي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي هوڏانهن واپڊا ملازمن پاران ڀٽ شاهه ٿاڻي تي جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ درخواست پڻ جمح ڪرائي ڇڏي آهي.

إرسال تعليق

 
Top