GuidePedia

0
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هي خبر نهايت ئي ڏک سان پڙهي وڃي ٿي ته پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ اسد علي (رازو) ميمڻ جو ڀاءُ۽هالا جو محنتي استاد سائين محمد علي (رازو)ميمڻ ڪجهه ڏهاڙا بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن هيدرآباد جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ وفات ڪري .مرحوم استاد جي جنازي نماز درگاهه سرور نوح ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پ ٽ الف جي اڳواڻن،عهديدارن استادن سميت ضلعي جي معززين هالا جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي هالا پريس ڪلب جي صحافي عبدالغفور(اداڀائو) ميمڻ،نديم مگريو،اشتياق شيخ،رحمان ڪشميري،امان الله ڏاهري،افتخار احمد ميمڻ،عميراحمد ميمڻ،اشرف کماڻ،اشفاق احمد ڏاهري،عقيل احمد ڀنڀروجن پ ٽ الف جي اڳواڻ اسد عمر (رازو) ميمڻ سان سندس ڀاءُ سائين محمد علي ميمڻ جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءَ دعاءَ گهري.

إرسال تعليق

 
Top