GuidePedia

0
HYD HUMAIN RIGHTS EHTJAJ REILLY

حيدرآباد: پاڪستان هيومن رائٽس فورم ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم   هارين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي ريلي ڪڍي جبري پورهيي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي معشوق علي ڀرڳڙي، راجا ڀيل، افرانه آرائين ۽ ٻڍو ڀيل چيو ته ملڪ اندر هارين سان بااثر زميندار تمام گهڻيون زيادتيون ڪري رهيا آهن، پر افسوس آهي جو انهن زميندارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ملڪ خاص طور سنڌ جا هاري تمام گهڻين تڪليفن ۾ ڪم ڪن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته هو هارين جي حقن لاءِ بهتر پاليسيون جوڙي اُنهن پاليسين تي عمل ڪرائي  ته جيئن هاري پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهي.

إرسال تعليق

 
Top