GuidePedia

0
hala sindhu darya me doob ke foot hone waly bachy ke    tasweer or us ke lash ke talash jari

هالارپورٽ : عبدالغفور ميمڻ

گذريل ڏينهن هالا ويجهو ڀاڻوٺ وٽان سنڌو درياءُ ۾ سخت گرمي سبب وهنجڻ دوران پير ترڪي وڃڻ ڪري ڀاڻوٺ واسي 10 ورهين جو نينگر ذيشان ڪرڙ سنڌو درياءَ جي تيز لهرن جي ور چڙهي ٻڏي وڃڻ کي 48 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود معصوم نينگر جو لاش اڃا تائين نه ملي سگهيو، مقامي ٽوٻن توڙي نيوي جي ٽوٻن جي مسلسل ڪوششن باوجود نينگر جي لاش جو اڃا تائين ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي ان سلسلي ۾ نينگر جي وارثن پاران سنڌو درياءَ جي ڪپ تي باقائدا ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جتي وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو ويٺل آهن جيڪي وقفي وقفي سان ٻيڙين ذريعي نينگر جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته روينيو کاتي پاران سکر کان ٽوٻا گهرايا ويا آهن جيڪي پڻ نينگر جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن، معصوم نينگر ذيشان ڪرڙ جو لاش نه ملڻ سبب سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول آهي،

إرسال تعليق

 
Top