GuidePedia

0

هالارپورٽ : نديم مڱريو                                                           
موٽروي پوليس جي ناجائزين ۽ ڀتاخوري خلاف مخدوم طالب المولى مسافر وين سروس جي مالڪن ۽ ڊرائيورن جو باب النوح وٽ احتجاج ۽ سروس روڊ تي ڌرڻو، ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ مڪمل طور تي معطل، موٽروي پوليس جي خلاف سخت نعريبازي، بلاجواز ڏنڊ هڻي گاڏيون چالان ڪندڙ پئٽرولنگ آفيسرن کي هٽائڻ جو مطالبو، هڪ طرف موٽروي پوليس اسان جو گاڏيون بلاجواز چالان ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف شهدادپور ۾ عثمان راجپوت ۽ سندس ساٿي ڊرائيورن کان هٿيارن جي زور تي زبردستي ڀتو اوڳاڙي رهيا آهن جنهن سبب اسين ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، متاثر ڊرائيور

خبر موجب حيدرآباد کان هالا شهدادپور روٽ تي هلندڙ مخدوم طالب المولى مسافر وين سروس جي ڊرائيورن ۽ مالڪن جو موٽر وي پوليس جي ناجائزين خلاف اختيار علي جتوئي، فاروق علي ڏاهري، وڪيل احمد راجپوت، محمد اقبال بلوچ، بشيرفقير نوح پوٽو، ساجد علي راجپوت، غلام محمد ڀرڳڙي، طارق احمد راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هالا جي باب النوح تي وينون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، باب النوح تي روڊ بلاڪ ڪرڻ سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي جنهن سبب ٻنهي طرفن کان هزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي مخدوم طالب المولى مسافر وين سروس جي ڊرائيورن ۽ مالڪن موٽروي پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته حيدرآباد کان هالا شهدادپور روٽ تي اسان جون 93  کان مٿي مسافر وينون هلنديون آهن، جڏهن ته موٽروي پوليس گذريل ڪجهه ڏينهن کان بلاجواز اسان جي گاڏين کي چالان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اسان جي خلاف بلاجواز رڻ ٻاري ڏنو آهي، هنن ٻڌايو ته گاڏين جا ڪاغذ ۽ ڊرائيونگ لائسنس هئڻ جي باوجود موٽروي پوليس اسان مٿان ڳرا ڳرا جرمانه لڳائي اسان جي گاڏين کي چالان ڪري اسان کي سخت پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هنن ٻڌايو ته اسان روزانو جيترو ڪمايون ٿا اسان جي اها سموري ڪمائي موٽروي پوليس کڻيو وڃي جنهن سبب اسين جڏهن گهر واپس ٿا وڃون ته اسان جا کيسا بلڪل خالي هوندا آهن ، ڊرائيورن چيو ته موٽروي پوليس جي اهڙي ظالمانه رويي ۽ بلاجواز ڏنڊ وجهي اسان جون گاڏيون چالان ڪرڻ سبب اسان کي ڪجهه به نٿو بچي جنهن سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ هاڻ نوبت فاقه ڪشي تائين پهچي وئي آهي، هنن چيو ته هڪ طرف اسان کان شهدادپور ۾ عثمان راجپوت ۽ سندس ساٿي هٿيارن جي زور تي ڀتاخوري ڪن ٿا ۽ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان جي ڊرائيورن کي سخت تشدد جو نشانو بنايو پيو وڃي ۽ گاڏين کي ساڙڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ ٻئي طرف موٽروي پوليس اسان خلاف بلاجواز گاڏيون چالان ڪري رڻ ٻاري ڏنو آهي جنهن سبب اسين ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، ٻئي طرف هالا شهدادپور کان حيدرآباد جي وين سروس بند هئڻ سبب مسافر پڻ سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ٻچڙيوال مسافر وينون نه هئڻ سبب ڳرن ڀاڙن تي ٽيڪسيون ڪرائي پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، مخدوم طالب المولى مسافر وين سروس جي مالڪن ۽ ڊرائيورن آءِ جي سنڌ، آءِ جي موٽروي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته موٽروي پوليس جي ناجائزين ۽ شهدادپور جي ڀتا خور عثمان راجپوت جي غنڊاگردي جو نوٽيس وٺن ۽ مٿانئن بلاجواز ڏنڊ هڻي گاڏيون چالان ڪندڙ موٽروي پوليس جي پئٽرولنگ آفيسرن کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ زبردستي ڀتاخوري ڪندڙ عثمان راجپوت ۽ سندس ساٿين کي فوري طور تي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هالا شهدادپور کان حيدرآباد روٽ تي هلندڙ سمورين وينن کي قومي شاهراهه تي بيهاري روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top