GuidePedia

0
hala-Iqrar-ul-Hassan-garftaari-ke-khalaf-ihtjaj
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

اي آر واءَ جي پروگرام سرعام جي ڊائريڪٽر ۽ سينيئر اينڪر پرسن اقرار حسين ۽ سندس ٽيم جي ميمبرن تي ڪيس داخل ڪرڻ تي هالا،ڀٽ شاه،نيوسعيد آباد،مٽياري،اڏيرو لعل سميت ضلعي ڀر جي صحافين پاران حڪومت سنڌ جي اهڙي ڪريل حرڪت تي بي باڪ صحافي پاران حڪومت سنڌ جي ناقص سيڪيورٽي جا پول پڌرا ڪندڙ صحافي کي لاڪپ ڪرڻ جي عمل خلاف ضلعي مٽياري جي صحافين حڪومت سنڌ خلاف ضلعي ڀر ۾ الڳ الڳ احتجاج ڪندي پريس ڪلبن آڏو گهرو وزير خلاف سخت احتجاج ڪندي انهن خلاف نعريبازي ڪئي ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ضلعي مٽياري جي چيئرمن ۽ اي آر واءَ مٽياري ضلعي رپورٽر عبدالغفور ميمڻ،سميت مٽياري ضلعي جي سينيئر صحافين جن ۾ منير احمد خاصخيلي،معشوق احمد قنمبراڻي،يار محمد خاصخيلي،ممتاز ساهوال،بابو خاصخيلي،اشتياق احمد شيخ،رحمان ڪشميري،انوار الحق ميمڻ،مشتاق احمد ميمڻ،امان الله ڏاهري،عزيز اهمد ميمڻ،ذوالفقار احمد ميمڻ،وڪيل احمد،عبدالرزاق ميمڻ،نديم مگريوجن سخت احتاج ڪيو.جڏهن ته ٻئي طرف سينيئر اينڪر پرسن اقرار حسين جي ضمانت منظور هجڻ تي سروري تنظيم هالاجي اڳواڻ محمد بچل مغل،فنڪشنل اڳواڻ نصير احمد ميمڻ،پ پ اڳواڻ زوار فقير حسين علي جعفري،سميت مختلف سياسي سماجي جماعتن جي اڳواڻن اي آر واءَ ضلعي مٽياري جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالغفور ميمڻ کي مبارڪون مٺائي ورهائي ۽ اجرڪون پهرايون.

إرسال تعليق

 
Top