GuidePedia
Latest News

0
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
سنڌ ۾ نئين سال جي تعليمي سلسلو شروع هجڻ تي تعليم کاتي سنڌ پاران سنڌ ۾ تعليم جي عام لاءَ مفت ۾ ڪتاب ڏيڻ جي سلسلي ۾ ضلعي مٽياري جي تعليمي  آفيسرن پاران ضلعي ڀر ۾ پهرين کان ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۾ مفت ڪتاب تقسيم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويوآهي

ان سلسلي ۾ هالا جي مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءَ اسڪول هالا ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي ميل ،في ميل ۽ تعليمي آفيسرن کان علاوه هالا،ڀٽ شاهه،هالا پراڻه،کنڊو،ڀاڻوٺ سميت علائقي جي ٻين علائقن جي پرائمري ،مڊل ۽ هاءَ اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ شاگردن،شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان سلسلي ۾ مٽياري ضلعي جي تعليمي آفيسر اڪبرميمڻ،آپا صفيه ارباب،زين العابدين،سيد ولي محمد  شاهه،فرزانه ابڙو،ٽي اي او  هالا عابد علي ٻگهيو،سپروائيزر هالا اقبال احمد ملاح،عبدالله ڏاهري،خيرمحمد ڏاهري جن پنهنجن اسڪولن جي شاگردياڻين ۽ شاگرد ۾ مفت تدريسي ڪتاب تقسيم ڪيا..

إرسال تعليق

Emoticon
:) :)) ;(( :-) =)) ;( ;-( :d :-d @-) :p :o :>) (o) [-( :-? (p) :-s (m) 8-) :-t :-b b-( :-# =p~ $-) (b) (f) x-) (k) (h) (c) cheer
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.

 
Top