GuidePedia

0
HALA=SSP Malak Zafer Awan Media talk

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

ضلعي مٽياري ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي ملڪ ظفراقبال اعوان پنهنجي چارج سنڀاليندي ئي ضلعي جي سمورن ٿاڻن تي مقرر پوليس آفيسرن سان پنهنجي آفيس مٽياري ۾ تعارفي ملاقات ڪرڻ بعد هڪ هنگامي گڏجاڻي ڪندي

 اجلاس ۾ شريڪ پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي ضلعي ۾ غيرقانوني طور هلندڙ سمورن سماجي برائين جي اڏن، منشيات،جوا،سميت بين برائين جي پيداوار کي فوري طور بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي ضلعي ڀر۾ امن وامان برقرار رکڻ سميت عوام جي جان ومال جي حفاظت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.ان اجلاس ۾ ضلعي جي ڊي ايس پيز،ايس ايڇ اووز،سمورن ٿاڻن جي وڏن منشين شرڪت ڪئي.ان اجلاس بعد  مٽياري جي چارج سنڀاليندڙ ايس ايس پي ملڪ ظفراقبال اعوان پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ضلعو مٽياري هن جو گهر آهي ۽ هو پهرين به هتي پنهنجا فرض انجام ڏيئي چڪو آهي هتي جو عوام هنجي لاءَ قابل تعريف آهن۽ مرشد لطيف جي نگري آهي هتي جي عوام کي هرقسم جو تحفظ فراهم ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي ۽ سندس موجودگي ۾ ضلعي متياري ۾ هلندر سمورن سماجي برائين جي اڏن جو خاتمو آهي.هن چيو ته مٽياري ضلعي ۾ ڪنهن به ڏوهاري،پاٿاريدارکي ڪنهن به صورت ۾ هرگز نه بخشيو ويندو چاهي اهوڪيڏو به بااثر ڇونه هجي اگر ڪنهن به غلط ڪم ۾ ڪو پوليس آفيسر يا جوان ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف به سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.ايس ايس پي ملڪ ظفراقبال اعوان چيو ته صحافي سندس ڀائر آهن ۽ انهن کي گهرجي ته هو سندس ساٿ ڏيندي ضلعي ۾ امن وامان سميت ڏوهارين،منشيات فروشن جي متعلق کين آگاهي ڏين ته جيئن ضلعي مٽياري کي ڏوهن ۽ ڏوهارين کان صاف ڪيو وڃي.

إرسال تعليق

 
Top