GuidePedia

0
Hala=Hala k Aabadgar Bardana Na Milny P Ahtjaj Kert.

 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ

هالا جي ڪڻڪ جي سرڪاري گودام تان آبادگارن ۽ زميندارن کي بارداڻو نه ملڻ جي خلاف آبادگارن جو جعفر سهتو، ولي محمد سهتو، ملوڪ لغاري، منٺار سهتو، عالم سهتو، گل محمد کوکر، محمد هاشم کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته مٽياري جو ڊي ايف سي مسعود صديقي ۽ فوڊ انسپيڪٽر فهيم قريشي چارج وٺڻ بعد هڪ ڏينهن جي اندر چئن سينٽرن هالا، ڀٽ شاهه، سعيدآباد ۽ زيرپير جو بارداڻو بااثر ماڻهن سان ملي ڪري غائب ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر ۽ ڊي ايف سي آبادگارن لاءِ آيل بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو ۽ باقي رهيل بارداڻو هنن چارج وٺڻ بعد گودام تان ئي غائب ڪرائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته بارداڻو نه ملڻ ڪري سندن ڪڻڪ زمينن تي کليل آسمان هيٺ پيل آهي ۽ مٿان وري برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن سبب سندن ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو انديشو آهي، هنن سنڌ حڪومت، صوبائي وزير خوراڪ ۽ اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مٽياري ضلعي اندر بارداڻي جي ٿيل غرمنصفاڻه ورهاست جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ کين بارداڻو ڏئي ڪرپٽ ڊي ايف سي ۽ فوڊ انسپيڪٽر کي فوري طور تي هٽايو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته اگر کين باردانو نه مليو ته فوڊ گودام جي اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top