GuidePedia

0
Matiari SSP Amjad Shakh
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ جي مٽياري ضلعي مان بدلي ٿيڻ جي اطلاع تي هالا سميت ضلعي ڀر ۾ سياسي،سماجي،مذهبي،شهري ۽ صحافين پاران ايس ايس پي امجد شيخ جي بدلي خلاف سراپا احتجاج بنجي ويا آهن ان سلسلي ۾ سروري تنظيم هالا جي صدر ۽ هالا پريس ڪلب جي سرپرست اعلي محمد بچل مغل،ڊسٽرڪٽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي چيئرمن عبدالغفورميمڻ،سيد محمد علي شاهه،فنڪشنل اڳواڻ نصير احمد ميمڻ،ميان حسام الدين ڀٽي،هالا سٽيزن ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ آڪاش ميمڻ،طارق روڊ ايڪشن ڪميٽي طارق ميمڻ،اقبال بابن ميمڻ،نانا مولائي،سميت ٻين تنظيمن جي اڳواڻن


هالا پريس ڪلب هالا ۾ مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ جي ڪاوشن سان ضلعي متياري ۾ مڪمل امن ڪرائيندي عوام کي سڪون وارو ماحول عطا ڪيوسندس ڪاوشن جي ڪري ئي ضلعي متياري جي هر شهرتوڙي واهڻ وستي ۾ رهندڙ عوام سڪون واري زندگي گذاري رهيوآهيهنن چيو ته امجد شخ ۽ سندس ٽيم پاران ڏوهارين خلاف کنيل قدم سبب ڏوهاري ۽ سندس پاٿاريدارن هتان پنهنجا ٺيها ئي مٽائي ڇڏيا.هنن وزيراعلي،آءَ جي سنڌ پوليس،۽ گهرو وزير سنڌکان مطالبوڪندي امجد شيخ جي بدلي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻي صورت ۾ احتجاج جو چتاءَ ڏنو آهي. 

إرسال تعليق

 
Top