GuidePedia

0
HALA=Makhdom Ahmad Zaman Sofi Faqeer Sajan Ki Wafat P Un K  Wursa Sy Taziat Kerty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

هالا سميت ضلعي جي عوام هميشه پاڻ مڃرائيندي مخدوم هائوس جو ساٿ نڀايو آهي ۽ انشاءَ الله مخدوم هائوس به هميشه جيان هتانجي عوام جي خدمت۽علائقي جي ترقي لاءَ اڳ کان وڌيڪ ڪوششون وٺندي سندن هرجائز مسئلو انهن جي در تي حل ڪرائيندو.


اهڙن خيالن جو اظهار ايم اين اي مٽياري مخدوم سعيد الزمان جي فرزند ۽ سروري تنظيم جي اڳواڻ مخدوم احمد الزمان گذريل ڏينهن هالا،کنڊو،دريا خان ٽالپر،سعيدآباد ۽ مختلف علائقن جي دوري دوران مختلف هنڌن تي سندس استقبال ڪندڙ ڳوٺاڻن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان ڪجهه مفاد پرست ٽولي پاران مخدوم هائوس ۾ اختلافن جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته مخدوم هائوس ۾ ڪنهنجو به ڪنهن سان اختلاف ناهي بلڪي ڳالهيون ڪندڙن ۾ زور ڏار پپڻ شروع ٿي ويا آهن ان لاءَ هنن کي گهرجي هو ڪجه صبر کان ڪم وٺن ۽ انشاءَ الله ضلعي مٽياري مان مخدوم مخالف جو نالو نشان ئي ختم ٿي ويندو.هن چيو ته مخدوم محمد امين فهيم جي ڇڏيل راهه تي هلندي عوام جي خدمت ڪئي ويندي ۽ درگاهه جي گادي نشين ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ مخدوم جميل الزمان جي هر لفظ تي عمل ڪيو ويندو.ان موقعي تي ساڻس گڏ سروري تنظيم هالا جو صدر ۽ پريس ڪلب هالا جو سرپرست محمد بچل مغل،سيد محمد علي شاهه اجناڻي،ميان حسام الدين ڀٽي،سليم مغل،صبغت الله انصاري،محمد عرس سوڍڙو،محمد انور ميمڻ سميت ٻيا معزز پڻ ساڻس گڏ هئا.جڏهن ته ان کان اڳ مخدوم احمد زمان هالا ۾ فوتي صوفي راڳي فقير سڄڻ ڇڇر جي وفات تي سندس پٽ ۽ ٻين عزيزن سان فاتح خواني پڻ ڪئي.

إرسال تعليق

 
Top