GuidePedia

0
Hala=Sobai Wazeer Makhdom Jamil Zaman Munsora Madrsy  M(Khatmy Quran)Confrance M Shareek

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

صوبائي وزير روينيو سنڌ مخدوم جميل الزمان ۽ سندس فرزند مخدوم محبوب الزمان جن هالا لڳ ڳوٺ منصوره جي ديني مدرسي دارلعلوم اسلاميه ۾ جماعت اسلامي ضلعي متياري پاران منعقد ڪرايل (ختم القران ڪانفرنس ) ۾ خصوصي شرڪت ڪئي

ان موقعي تي جماعت اسلامي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ سميت جماعت اسلامي جي ٻين مرڪزي عهديدارن،ڪارڪنن علماءَ ڪرامن کان علاوه مختلف سياسي،سماجي ۽ علائقي جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ۽ جماعت اسلامي جي  مرڪزي اڳواڻن لياقت بلوچ  قرآن حافظن ۾ سنتون تقسيم ڪيون.مذڪوره تقريب ۾ ضلعي مٽياري سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان تقريب جي موقعي تي سيڪورتي جاانتظام جماعت جا ڪارڪنن پاڻ سنڀالي رهيا هئا.ا ن تقريب ۾ مولانا لطف الله ڀٽو،يارمحمدلاکو،رئيس علي محمد نظاماڻي،سيد مختيارحسين شاهه،گل محمد پنهور،شاهد لاکو،ڊاڪٽر قربان ميمڻ،منظور احمد سمون،ڪندن ڪمار،ذوهيب بلوچ، ارشاد ڏاهري،صحافي عبدالغفورميمڻ،اشتايق احمد شيخ،رحمان ڪشميري،انوارالحق ميمڻ،افتخار ميمڻ،نديم مگريو،امان الله ڏاهري،مشتاق احمد ميمڻ سميت ٻين ڪيترن ئي معزز شخصيتن ان ديني ڪانفرنس ۾شرڪت ڪئي.                                                                                                      

إرسال تعليق

 
Top