GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

نالي وارو صوفي راڳي سڄڻ فقير ڇڇر ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز درگاهه سرور نوح تي ادا ڪئي وئي


جنهن ۾ هالا جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميوو ڇڇر ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، صوفي راڳي سڄڻ فقير طالب المولى، سچل سرمست، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين مشهور شاعرن جا صوفي ڪلام ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳايا، صوفي راڳي سڄڻ فقير ڪجهه وقت کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو جڏهن ته ثقافت کاتي پاران سندس ڪابه سار نه لڌي جنهن سبب هو ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته هالا جي صحافين عبدالغفور ادا ڀائو ميمڻ، نديم مڱريو، مشتاق ميمڻ، اشتياق شيخ، افتخار ميمڻ، اشرف کماڻ، اشفاق ڏاهري، امان الله ڏاهري، انوارالحق ميمڻ، عبدالرزاق ميمڻ،افتخار احمد ميمن ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ سندس تڏي ته پهچي ڪري تعزيت ڪئي ۽ دعا گهري.

إرسال تعليق

 
Top