GuidePedia

0
هالا (رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)

سروري تنظيم هالا جي صدر ۽ پي اي ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم سعيدالزمان(عاطف) محمد بچل مغل سندس آفيس هالا ۾ مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم سعيد الزمان سڀاڻي اڱاري ڏينهن منجهند جو 3 وڳي ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٽياري ۾ ضلعي جي سمورن آفيسرن سان ملاقات ڪندو ۽ کانئن ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن متعلق ڄاڻ وٺندو ان موقعي تي هو ضلعي ڀر ۾ عوام جي ڀلائي وارن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ سميت ايندڙ ماهه ٻوڏ جي باري ۾ ڄاڻ وٺڻ بعد صحافين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو.محمد بڇل مغل ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه کي پڻ آگاهي ڏني ويئي آهي جن پاران ضلعي جي سمورن آفيسرن کي سڀاڻڪي اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءَ اطلاع ڪيو ويو آهي . 

إرسال تعليق

 
Top