GuidePedia

0
هالا (رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)
ڳوٺ دودو ميرجت جي ميرجت برادري جي معزز شخصيت حيدربخش ميرجت 80 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز حسيني امام بارگاهه دودو ميرجت ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ آس پاس جي ڳوٺاڻن کان علاوه ميرجت برادري سان تعلق رکندڙ مختلف علائقن ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊوآدم، ڀٽ شاهه، هالا، مٽياري ۽ ٻين علائقن جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، مرحوم کي جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سندس پونئيرن فقيرمحمد ميرجت، ذوالفقار ميرجت، گلڻ ميرجت، شفيع محمد ميرجت، صفر ميرجت، شهمير ميرجت، فوجي واحد بخش ميرجت، حامد ميرجت ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

إرسال تعليق

 
Top