GuidePedia

0
World's heaviest baby girl born in India weighs 6.8 kg

نئين دهلي (آن لائين سنڌي نيوز) ڀارت ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وزن رکندڙ ٻارڙيءَ جي پيدائش ٿي آهي، 19 سالن جي نندني نالي عورت 6 ڪلو 800 گرام وزن واري ڌيءَ کي جنم ڏنو، اهو وزن عام تازي ڄاول ٻار کان ٻيڻ تي وڌيڪ آهي، ايترو وزن ڪنهن 6 مهينن جي ٻار جو ٿيندو آهي، وزني ٻارڙيءَ جي پيدائش تي ڊاڪٽر پڻ حيران ٿي ويا، سندن چوڻ هو ته اسان ايڏو وزني ٻار ڪڏهن به نه ڏٺو آهي، اهو نه فقط ڀارت پر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڳرو ٻار آهي، واضح رهي ته 2014ع ۾ آمريڪا ۾ ڪيريسا روساڪ نالي ساڍا 6 ڪلو وزني ٻارڙي پيدا ٿي هئي، جيڪا گنيز بوڪ ۾ شامل آهي، نئين رڪارڊ کي گنيز بوڪ ۾ اڃا تائين شامل ناهي ڪيو ويو

إرسال تعليق

 
Top