GuidePedia

0

نئين دهلي (آن لائين سنڌي نيوز) ڀارت ۾ هڪ پوڙهي گنيز بوڪ ۾ نالو لکرائڻ لاءِ پنهنجا سڀئي ڏند ٽوڙائي ڇڏيا، نئين دهلي ۾ رهندڙ 74 سالن جو پرڪاش رشي 20 عالمي رڪارڊ رکڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، هن پاڻي پيئڻ جا 496 اسٽرا وات ۾ وجهڻ لاءِ پنهنجا سمورا ڏند ڀڃايا، جسم تي 366 ملڪن، تنظيمن ۽ ڪمپنين جي جهنڊن جا ٽيٽو ٺهرائيندڙ پرڪاش وات ۾ 50 ٻرندڙ ميڻ بتيون پڻ وجهي چڪو آهي، پرڪاش جو چوڻ آهي ته مون 1990ع ۾ ٻن دوستن سان گڏجي لڳاتار 1100 ڪلاڪن تائين موٽرسائيڪل هلائي پهريون عالمي رڪارڊ جوڙيو هو، چئن منٽن کان گهٽ وقت ۾ ٽماٽو ڪيچپ جي پوري بوتل پڻ ڳڙڪائي چڪو آهيان، هن چيو ته مون لاءِ سڀ کان ڏکيو رڪارڊ اسٽرا وجهڻ وارو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خاطر مون کي پنهنجن ڏندن تان هٿ ڌوئڻا پيا.

إرسال تعليق

 
Top