GuidePedia

0
Tokyo Paiza Shop News Online Sindhi News
ٽوڪيو: معاهدي کانپوءِ ٽرائل دوران پپر روبوٽ پيزا کائڻ لاءِ آيل جوڙي کان آرڊر وٺي رهيو آهي 
ٽوڪيو (آن لائين سنڌي نيوز) انساني خاصيتن وارا پپر روبوٽ هلندڙ سال جي آخر ۾ ايشيا جي پيزا دڪانن تي ڪم ڪندا، اهڙو معاهدو پپر روبوٽ ٺاهيندڙ جاپاني ڪمپني ۽ مشهور پيزا ڪمپنيءَ وچ ۾ ٿي ويو آهي، پپر روبوٽ گراهڪن کان پيزا جو آرڊر وٺندا ۽ اهي آڻي ڏيندا، روبوٽ جي ڇاتيءَ تي ٽيبليٽ لڳل هوندو، جتان مينيو ڏسي آرڊر ڏئي سگهبو، پيزا ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته پپر روبوٽ ماڻهن جيان پيش ايندا ۽ ڪسٽمر سروس بهتر بڻائيندا، واضح رهي ته جاپان جي لڳ ڀڳ 500 ڪمپنين ۾ روبوٽ ويٽر، سيلزمين ۽ ڪسٽمر سروس سرونٽ طور ڪم ڪري رهيا آهن

إرسال تعليق

 
Top