GuidePedia

0
Hala=Pur Israr Tour P Fotee Poliece Ahlikar Mukhtiar  Birohi (Fail Photo).

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

ٽي ڏينهن اڳ اڏيرولعل کان پنهنجي گهر موٽر سائيڪل تي واپس ايندي هالاٿاڻي جي پوليس جوان مختيار احمد بروهي کي ڀٽ شاهه،ٽنڊو آدم لنڪ رود تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد مقامي ماڻهن پاران حادثي جي فوتي همراهه کي ٽنڊوآدم اسپتال پهچائڻ بعد سندس لاش پوليس حوالي ڪرڻ بعد مذڪوره فوتي جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ٽنڊوآدم پوليس پاران فوتي جي لاش کي ايڌي حوالي ڪندي سندس تدفين ڪري ڇڏي.جڏهن ته ٻئي طرف پوليس جوان پجي ٽن ڏينهن کان لاپته هجڻ ۽ انجي ڳولا ڪندي ٽنڊي آدم ٿاڻي تي سندس سڃاڻپ ڪرڻ تي فوتي اهلڪار جي وارثن پاران مذڪوره لاش کي اتان ڪڍائي پنهنجي اباڻي گهر باگڙِ بازار هالا پهڇائڻ بعد سندس جنازي نماز درگاهه سرورنوح هالا ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ هالا ٿاڻي ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو سميت ضلعي ڀر جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آفيسرن،جوانن سميت بروهي خاندان جي عزيزن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.مرحوم پنهنجي پويان هڪ بيواهه،ٻه پٽ،هڪ نياڻي ۽ دوستن جو هڪ وڏو انگ سوڳوارڇڏيوآهي.جڏهن ته فوتي پوليس جوان مختياراحمد بروهي جولاش گهر پهچڻ تي سندس ماءُ،گهرواري،اولاد۽ ٻيا عزيز لاش کي چنبڙي زاروقطار روئيندا رهيا..

إرسال تعليق

 
Top