GuidePedia

0
Dr Zulfiqar Sial  59 Salgarah


ڪراچي (آن لائين سنڌي نيوز) ناليوارو شاعر، اديب، ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اڄ 59هين سالگرهه ملهائيندو، هن جو چوڻ آهي ته ڪل وقتي شاعر آهيان پر ڊاڪٽري منهنجو پيشو آهي، آئون ڊبل ڊاڪٽر آهيان، هڪ ميڊيڪل جو ڊاڪٽر ۽ ٻيو پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر آهيان، شاعر مير علي نواز ناز ۽ بالي تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري آهي ۽ جاري رهندو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 28 مئي 1957ع تي جنم ورتو، هن شاعري جي شروعات 1972ع کان ڪئي. هن جا ڪُل 16 ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ 10 ڪتاب ٻارڙن جي شاعري تي، 4 ڪتاب شاعري، هڪ ڪتاب تحقيق ۽ هڪ ڪالمن تي ٻڌل آهي ۽ هن جا 500 ڪلام مختلف راڳين ڳايا آهن. انهن ۾ مهدي حسن، استاد محمد يوسف، گلبهار بانو، زرينه بلوچ، مهناز، منظور سخيراڻي، خليل حيدر، رحيم شاهه، سجاد يوسف، عالمگير، سرمد سنڌي، شبانه ڪوثر ۽ ٻيا شامل آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سالگرهه جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي شاعري جي شروعات ٻارڙن جي شاعري کان ڪئي ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ ٻارن جي شاعري جو حصو گهٽ آهي. 1972ع کان ٻارڙن جي شاعري ڪري رهيو آهيان. اڄ تائين ٻارڙن جي شاعري جا 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ٻارڙن جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪتاب لکيو آهي جيڪو جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو نوجوان شاعر دنيا جي ادب کان ڪٽيل آهي، وڏو الميو اهو به آهي ته اسان جا سينيئر اديب نوجوانن کي نه ٿا پڙهن، هن چيو ته سنڌ جو ماڻهو ذهني طور تي پنهنجن خيالن کي هميشه فريز ڪيو ويٺو آهي، ان کي زندگي ۽ وقت جو شايد ڪو اداراڪ ناهي.

إرسال تعليق

 
Top