GuidePedia

0
bartania 2300 years Old Gold News Online Sindhi NEws

سمرسيٽ (آن لائين سنڌي نيوز) برطانيا ۾ 2300 سال پراڻو خوبصورت سونو تاج هٿ ڪيو ويو آهي، سمرسيٽ واري علائقي ۾ رهندڙ هڪ پيرسن جي گهر مان قديمي يوناني سونو تاج مليو، اهو تاج بيڊ هيٺان پراڻين اخبارن سان گڏ پيل هو، گهر مالڪ پينشنر ٻڌايو ته مون کي خبر ئي نه هئي ته اهو ڇا آهي ۽ ڪيترو قيمتي آهي؟، برطانيا جي نيلام گهر انتظاميا موجب اهو تاج هڪ کان 2 لک پائونڊن ۾ وڪرو ٿي سگهي ٿو، ٻئي طرف ماهرن موجب اهو تاج پراڻي دور ۾ مذهبي تقريبن ۾ پاتو ويو، جڏهن ته آرٽسٽن ۽ ايٿليٽس کي انعام طور پڻ اهڙا تاج ڏنا ويندا هئا.

إرسال تعليق

 
Top