GuidePedia

0
Hala=Nari Aghwa P Versa Ahtijaj Kerty.

 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)26مئي2016
هالا باءِ پاس تان نوجوان شادي شده ناري هٿيارن جي زور تي اغوا، پوليس اطلاع باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، نوجوان ناري جي اغوا خلاف سندس سهري ۽ مڙس جو گهر ڀاتين سميت احتجاجي مظاهرو،
خبر موجب هالا باءِ پاس تي رهندڙ پوليس جمعدار خدابخش ڪنڀر پنهنجي عورتن، ٻارڙن سان گڏجي سندس گهر تي ٿيل حملي ۽ سندس ننهن جي اغوا خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي پوليس جمعدار جي پٽ مولابخش ڪنڀر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين مون ڪراچي جي رهواسڻ امبرين ملڪ سان حيدرآباد جي ڪورٽ سڳوري ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تي ڇوڪري جو پيءِ محمد لالاشهزاد، عمران مغل، فقير محمد ڪنڀار، احمد علي مغل ۽ ٻين سان گڏجي اسان جي گهر رمضان ملڪ ۽ چاچو محمد عمران ملڪ پنهنجي هٿياربند ساٿين جبار مغل، مٿان حملو ڪري اسان جي عورتن تي سخت تشدد ڪيو  جنهن سبب اسان جون ٻه عورتون زخمي ٿي پيون ۽ هڪ عورت جو حمل ضايع ٿي ويو، اسان جي دانهن تي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا جڏهن ته مذڪوره ماڻهو منهنجي  گهر واري کي وارن کان جهلي گهليندا ۽ مارڪٽ ڪندا ڪار ۾ زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن جو اطلاع اسان هالا ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪيو آهي، هن چيو ته مذڪوره ماڻهو منهنجي گهر واري کي اغوا ڪرڻ بعد هاڻ مون کي به موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ، هن چيو ته مذڪوره ماڻهو تمام گهڻا بااثر آهن ۽ مون کي خدشو آهي ته هو منهنجي گهر واري امبرين ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيندا، هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين اعلى اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل امبرين ملڪ کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي

إرسال تعليق

 
Top