GuidePedia

0
Hala=Makhdom Fakhur Zaman Ismail Wandiar Sy Taziat  Kerty

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)26مئي2016

پ پ ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان جي فرزند مخدوم احمد الزمان،ضلعي چيئرمن مٽياري جي نامزد اميدوارمخدوم فخرالزمان ۽ ميونسيپل هالا جي نامزد چيئرمن مخدوم عمارحيدر،سيد جيئندل شاهه،سيد شمس الدين شاهه،سيد شاهه زمان شاهه،زوار فقير حسين علي جعفري،حاجي عبدالغفورابڙيجو،وڏيرو مير چنڊ،سيد محمد علي شاهه اجناڻي،سيد ڪاظم رضا شاهه،رئيس عمران راهو،سائينڏنو ٻرڙو،مير مشتاق ٽالپر،رئيس محبوب عالم جمالي،رئيس اسراراحمد جمالي،وڏيرو دوست محمد سهتو،رئيس شاهنواز سهتو،ڊي ايس پي سڪندر وڳڻ،سيد رياض شاهه،مير نانا ٽالپرسميت پ پ هالا سميت ضلعي مٽياري جي ٻين اڳواڻن ڳوٺ وهنيل ڀاڻوٺ ۾ پهچي يو سي ڀاڻوٺ جي وائيس چيئرمن وڏيري محمد اسماعيل ونڊيار ۽ ممتازونڊيار سان سندس ڀاڄائي،ربڏنو ونڊيارجي گهرواري جي وفات تي تعزيت ڪندي فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي پ پ اڳواڻ مخدوم فخرالزمان مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيوته ضلعي جا اختيارملڻ شرط هتانجي مسئلن کي اولين ترجيح تي حل ڪيا ويندا هن چيو ته وڏيري محمد اسماعيل ونڊيار جي عوام سان محبت ۽ ان پاران علائقي جي ترقي لاءَ ورتل قدم قابل تحسين آهن.

إرسال تعليق

 
Top