هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
بلديه ورڪر اتحاد هالا۽ڀٽ
شاهه جي ملازمن جو پنهنجي مطالبن جي حقن لاءُ هالا۽ ڀٽ شاهه ۾ الڳ الڳ احتجاجي
جلوس ۽ ريليون ڪڌيون ويون جن جي اڳواڻي سيد منور علي شاهه،لياقت ارباب،ننگر
خاصخيلي،اياز مسيحي جن ڪري رهيا هئا ميونسيپل
هالا مان ڪڍيل احتجاجي ريلي آفيس روڊ کان ٿيندي پيس ڪلب آڏو پهتا جتي بلديه ورڪر
اتحاد هالا جي اڳواڻن مذڪوره احتجاج ۾ شريڪ ميونسيپل هالا ۽ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه
جي سمورن ملازمن کي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ پاران سنڌ حڪومت کي آرڊر جاري
ڪندي سنڌ جي بلديه ملازمن کي ملڪ جي ٻين صوبن جيان سموريون مراعتون ڏيڻ جو آرڊر
جاري ڪيو آهي مگر انجي باوجود به سنڌ حڪومت اڃان کين سندن پگهار آن لائين ناهن ڪيا
جڏهن ته سنڌ ڀر جي بلديه ملازمن جا ڪيترائي مسئلا حل نه پياڪياوڃن،هنن چيو ته ضلعي
مٽياري جي ٻن ايم سي ۽ ٽن ٽي سين جي مالزمن کي سندن ڪافي مهينن جون رهيل پگهارون
ناهن ملي سگهيون ۽ نه وري انهن جا ٻيا فند رليز ٿي سگهيا آهن .ان موقعي تي هالا،ڀٽ
شاهه جي بلديه ورڪراتحاد جي اڳواڻن صوبائي حڪومت جي بلديه جي وزير کان مطالبو ڪندي
گهر ڪئي آهي سنڌ سميت ضلعي مٽياري خصوصن هالاميونسيپل جي ملازمن جا سمورا مسئلا حل
ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڏائڻ جو چتاءَ ڏنو آهي
إرسال تعليق