GuidePedia

0
Hala=Naran Ka Rasta Band Kerny P Mqami Log Makhdom jamil  Zaman K Manijer K Khilaf Ahtijaj Kerty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
مخدوم محمدالزمان طالب المولي جي نالي سان منسلڪ هالا۾نارن جوقديمي روڊ عام ماڻهو لاءَ بند،مخدوم جميل الزمان جي مئنيجر گل محمد پنهورپنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪندي هالا۾ قبضه خورن جو ساٿ ڏيندي شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.نارن وارو رستو بند ڪرڻ تي مقامي ماڻهن جو گل پنهور۽ انجي ڇاڙتن جي خلاف سخت احتجاج ۽ نعريبازي هالا جي غيورعوام پاران مخدوم هائوس کان کيس هٽائڻ سميت مذڪوره رستو بحال ڪري رکيل رڪاوٽون فوري هٽائڻ جو مطالبو.ڪيو آهي..روڊ بلاڪ ۽ مقامي ماڻهن جي احتجاج تي مخدوم جميل الزمان پاران نوٽيس روڊ بحال ڪري واقعي جي انڪوائري لاءَ ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جويقين ڏياري ڇڏيو.عوام سان ذيادتي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عوام دشمن ڪاروائين ۾ ملوث ماڻهو خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.مخدوم جميل الزمان

خبر موجب هالا شهر ۾ صدين کان قائم ۽ مرحوم مخدوم محمد الزمان طالب المولي جي نالي سان موجود نارن جو رستي سان قديمي سڃاڻپ رکندڙ روڊ جتان ڪيترين ئي مختلف برادرين جي سان تعلق رکندڙ عام ماڻهن،ٽريفڪ جي لنگهه کي گذريل ڏينهن مخدوم جميل الزمان جي مئنيجر سڏائيندڙ۽عهدي جو ناجائز استعمال ڪندڙ گل محمد پنهور جي حڪم تي لٺين ڪهاڙين سان منسلڪ ماڻهن روڊ تي موجودماڻهن ڪنڊن جي ڄارن ۽ لوڙهن کي زمين مان اکوڙي ان قديمي روڊ جي سمورن لنگهن تي رڪاوٽون رکندي انکي بند ڪري ڇڏيو۽اتان گذندڙ ٽريفڪ کي روڪي ڇڏيوجڏهن ته مذڪوره روڊ سان موجود گهرن ۾ رهندڙ مختلف برادرين جن ۾ ميمڻ،ڪوري،ماڇي،قريشي،ارباب،ابڙا،پنجابي،ڏاهري ۽ٻين برادرين جي ماڻهن مذڪوره لنگهه بندڪرڻ تي مقامي ماڻهن گل محمد پنهور جي اهڙين ذيادتين تي گڏ ٿيندي ان خلاف سخت احتجاج ڪيو۽ سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي مذڪوره برادرين جي معززين جن ۾ روڊ بند ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙ بچو،مخدوم هائوس جي جهوني خدمتگار سائين مولابخش ڀينهون،سينيئرصحافي عبدالغفورميمڻ(اداڀائو)،ڪائونسلر غلام حسين عرف گلائي،ايدوڪيٽ الهه بخش ارباب، ڊاڪٽرڪامران ميمڻ، محمد ابراهيم ارباب،قربان پنهور،محمد شريف پنجابي،محمد سليم پنجابي،پپو قريشي،قديمي کڏ واري مسجد جي پيش امام ۽ نمازين مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مذڪوره نارن واري  روڊ کي هو صدين کان ڏسندا اچن مخدوم محمد الزمان،مخدوم محمد امين فهيم،مخدوم سعيد الزمان سميت مخدوم برادري جي فردن جو مذڪوره رستيءُ تان انهن جو لنگهه هوندو هو.۽مذڪوره لنگهه تان مخدوم هائوس تي ڊيوٽي ڏيندڙ مريد روزانه ٻه وقت کير اڄ به پيادل کڻي مذڪوره رستيءُ تانگذرندا آهن.جڏهن ته روڊ جي متاثر ماڻهن چيو ته مخدوم هائوس جي نالي جو غلط استعمال ڪندي گل محمد پنهور پنهنجي قبضه خور ساٿين جي بچاءَ جي آڙ ۾هن پاران هتانجي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن سان ذيادتي ڪندي انهن سان ظالم ڪيو آهي هنن چيو ته سندن لنگهه بند ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو۽ ان پاران شهر جي عوام سان ڪيل سمورين ذيادتين کي وائکو ڪندي سندس ۽ سندس ساٿين جي ذيادتين کي درگاهه سرورنوح جي گادي نشين مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم برادري سميت ٻين اعلي اختيارين آڏوبيان ڪيون وينديون.هنن چيوته جڏهن ته ٻئي طرف سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان سندس ڏاڏي مخدوم محمد الزمان طالب المولي جي نالي سان موجود نارن جي رستي کي بلاڪ جي واقعي ۽ مقامي ماڻهن جي پاران احتجاج ۽ شڪايتن جو پاڻمرادوسختي سان نوٽيس وٺندي آن لائين سنڌي نيوزسان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهنجو به ڪو به رستو بند نه ڪرايو ويندوعوام سان ذيادتي ڪندڙ کي هرگز برداشت نه ڪيوويندورستي بند واقعي جي انڪوائري لاءَ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ويئي آهي جنهن ۾صوبائي صلاحڪار علي حسن هنگورو،اسلم پيرزادو۽ هڪ مخدوم هائوس جي اڳواڻ کي مقرر ڪيو ويوآهي ۽ ڪميٽي جي رپورٽ تي واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ڌر کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.هن چيو ته مخدوم هائوس ۽ هتانجي عوام ۾ نفرتن جو ٻج پوکيندڙ کي هميشه لاءَ پاڻ کان ڌارڪيو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top