GuidePedia

0
hala makhdom hala ihtjaj

   هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هٽڙي ويجھو پوڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج. آبپاشي عملي تي پاڻي وڪرو ڪرڻ جو الزام. بااثر پاڻي روڪين ٿا ۽ حق گھرڻ تي موت مار ڌمڪيون ڏين ٿا، ايريگيشن وارا پڻ انهن سان پڻ ٻٽ بڻيل آهن. اسان ننڍن آباد گارن جا فصل سڪي رهيا آهن، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
تفصيل موجب هٽڙي ويجھو ٽنڊو سعيد مائنرشاخ جي پوڇڙي وارن سوين آبادگارن ڳوٺاڻن پورهيت هارين ۽ ننڍن   آبادگارن عبدالشڪورهاليپوٽو، موسيٰ ڏاهري، وحيد بروهي، زاهد ساند، نارائڻ داس ۽ ٻين مٽياري ڇنڊڻ موري ءَ وٽ پاڻي کوٽ خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملي تي پاڻي وڪري جو الزام مڙهيو، هنن چيو ته علائقي جا بااثر زميندار دڪا ڏيئي اسان جو پاڻي روڪي رهيا آهن جنهن ۾ ايريگيشن عملو پڻ  انهن سان ٻٽ بڻيل آهي. اڳواڻن سندن پاڻي روڪڻ جا الزام ايريگيشن عملي تي مڙهيندي ذميوار ايريگيشن عملي جي ايس ڊي او شمشاد چنا ۽ سرويئر ذوالفقار سومرو کي سڏيو جيڪي پڻ انهن سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ حق گھرڻ تي اسان کي موت مار ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيا آهن. هنن ٻڌايو ته پاڻي نه ملڻ ڪري اسان  پڇڙي جي ننڍن آباد گارن جا جتي فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري پنڌرنهن سو ايڪڙن کان مٿي زمين بنجر بڻجي غيرآباد ٿي ويئي آهي، جنهن سان هزارين پورهيت ۽ هاري بدحاليءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. اتي  زرعي پاڻي کان سواءِ عام واهپي ۽ جياپي لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي پڻ بند ٿي ويئي آهي جي معاشي بدحالي سميت  اسان جا ٻچا ٻار بکون کاٽڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت، وفاق ۽ ٻيو اعلي اختياريون منڌ جي بااثر زميندارن ۽ آبپاسي عملي خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.ان موقعي تي ڳوٺاڻن شاخ ۾ ڏنل غير قانوني طور پڪا دڪا ۽ رڪاوٽون  پڻ هٿوڙن سان ٽوڙيون ويون

إرسال تعليق

 
Top