GuidePedia

0
Hala=Shahree HESCO K Ziadation P Ahtijaj Kerty

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا ۾ شديد گرمي۽ بجلي جي اکٻوٽ سبب ٻن عورتن سميت پنج ماڻهو فوت،ڪيترائي شهري بيهوش.،بجلي جي جٽڪن سبب گهريلو۽ لکين روپين جي ماليت سامان سڙي خاڪ،علائقي جا چونڊيل نمائنده ۽ انهن جا مخالف اگهور ننڍ پيل،هالا جو عوام حيسڪو جي رحم وڪرم تي،حيسڪو عملدارن جا جاوا،ڏيتي ليتي جو عمل جاري.شهرين پاران احتجاج،منتخب۽ بااثر شخصيتن کي مداخلت جي اپيل ۽ هالا ۾ لوڊشيدنگ جو ٽائيم گهٽائڻ جو مطالبو

خبرموجب هالا ۾ شديد ۽ بجلي جي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ عوام جون جانيون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون هالا شهر ۾ حڪومتي لوڊشيڊنگ جي ڏنل ڇهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي رعڪس ڏهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي هٿرادو اکٻوٽ سبب هالا شهر جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ٻن عورتن سميت پنج شهري شديد گرمي ۽ بجلي جي بندش سبب هر هڪ هالا جي سينيئر استاد خان صاهب سولنگي جو والد،حيسڪو ملازم احمدخان عرف الهڏنو ميمڻ جو والد،سينيئر پرائمري استاد بخش علي قنمبراڻي جي والده جن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.ان کان علاوه شديد گرمي سبب شهر جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي شهري بيهوش ٿي ويا جن کي علاج لاءَ انهن کي شهر جي مختلف نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ پهچائي انهن کي هوش ۾ آندو ويو۽ اهڙي صورتحال جي باوجود به حيسڪو هالا جي اجاره داري ۽ لوڊشيدنگ ۾ گهٽتائي ڪرڻ بجاءُ بجلي جي وولٽيج جي گهٽ وڌ هٿرادو ڪرڻ سبب  بجلي تي هلندڙ گهريلو استعمال ۾ ايندڙ شيون ۽ لکين روپين جي مشنري سڙجڻ روز جو معمول بڻيل آهي مگر انجي باوجود به هالا مان چونديل نمائندن ۽ حزب اختلاف سان تعلق رکندڙ معززين پاران حيسڪو پاران شهرين سان ٿيندڙ ذيادتين تي مڪمل خاموشي ۽شهرين کي انهن جي رحم وڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.ٻئي طرف هيسڪو هالا جي عملدارن بقاياجات جي آڙ ۾ شهر جي بي وس ۽ بي پهڇ بجلي صارفين کي تنگ ڪندي پنهنجي ڪمائي جو دڪان کولي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾هالا سٽيزن ايڪشن ڪميٽي ۽ جسقم جي سڏ تي ڪامريڊ عبدالرشيد ڏيٿو،سرداراياز ميمڻ،آڪاش ميمڻ،سني ارباب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾حيسڪو جي ذيادتين خلاف هڪ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويوجيڪو شهر جي مختلف رستن تان ٿيندو پريس ڪلب پهتو مذڪوره حيسڪو خلاف نڪتل احتجاج ۾ شهر جي حيسڪو جي ذيادتين جي شڪار بڻيل شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي شهرين حيسڪو انتظاميه جي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي مظاهرين هالا جي چونڊيل نمائندن۽ حيسڪو چيف کان پرزور مطالبو ڪندي هالاشهر ۾ اضافي لوڊشيدنگ جي خاتمي،اضافي ريڊنگ،بجلي جي اکٻوٽ جي خاتمي جا مظالبا ڪيا.هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته حيسڪو انتظاميه بجلي جي صارفين سان پنهنجو رويو نه بدلايو ته هو حيسڪو هالا خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويندا ايس ڊي او حيسڪو آفيس ۽ نيشنل هاءَ وي تي ڌرڻي جواعلان پڻ ڪيو.جڏهن ته احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن اضافي بلن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو.

إرسال تعليق

 
Top