GuidePedia

0
هالا(رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)
هالا اسپتال جو اکين وارو شعبو بورچي خاني ۽ مهمان نوازي ۾ تبديل،اسپتال ۾ آءَ روز ٿيندڙ سيمينار۽دعوتن سبب مذڪوره وارڊ گندگي ۾ ڀريل نظراچڻ لڳو،اکين جي علاج لاءَ ايندڙ مريض سخت پريشان.اکين جي وارڊ ۾ ٿيندڙ دعوتن جي ڪافي دفعه منع ڪئي آهي مگر اسپتال انتظاميه سندس هڪ به ٻڌڻ لاءَ تيار ناهن.اکين جو اسپيشلٽ ڊاڪٽر عبداللطيف چنه.
خبر موجب ضلعي مٽياري جي وڏي وڏي ۾ وڏي سرڪاري تعلقه اسپتال هالا جيڪا انيڪ مسئلن جو شڪار هجڻ سان گڏوگڏ اسپتال ۾ موجود هڪ صاف شفاف اکين جي وارڊ کي به انتظاميه هٿ وٺي خراب ڪرڻ ۽ اکين جي علاج لاءَ پهچندڙ بي پهچ مريضن کي پريشان ڪرڻ لاءَ مذڪوره وارڊ جي ڪمرن ۾ وقتن به وقت مختلف اين جي اووز،دوا ساز ڪمپنينن،سميت مختلف دعوتن جواهتمام ڪرڻ دوران ان هال جي ڪمرن کي بورچي خاني،مهمان نوازي ۾ تبديل ڪندي ان صاف شفاف وارڊ ۾ دعوت ۽ سيمينار منعقد ڪندڙن پاران مذڪوره وارڊ کي ڪچرا وارڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن دعوتن ۾ شريڪ مهمان کي ماني کارائڻ ۽ سندن خدمت لاءَ مختلف ڊش ۽ انهن جو گندڪچرو مذڪوره وارڊ جي ڪمرن ۽ ورانڊي ۾ اڇلائڻ جي ڪري پوري وارڊ ۾ بدبو۽ علاج لاءَ ايندڙ مريضن کي تمام گهڻين تڪليف مان گذرڻو پوي ٿو.ان سلسلي ۾ تعلقه اسپتال هالا ۾ مقرر اکين جي شعبي جي انچارج ڊاڪٽر عبداللطيف چنه سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته مذڪوره وارڊ ۽ انجي آرائش ۽ مريضن جي علاج ومعالج لاءَ سندس ڪاوشن سان تعلقه اسپتال هالا ۾ اکين جي مرض ۾ مبتلا هتان جي غريب ۽ بي سهارا ماروئڙن علاج لاءَمذڪوره وارڊ کي اسپتال جي سمورن ڊپارٽمينٽن ۾ صفائي ۾خوبصورت وارڊ قائم موجود آهي مگر هتانجي انتظاميه ان کي صاف ڏسڻ نه ٿي چاهي ۽ سندس اجازت بغير اکين جي وارڊمڪمري،۽ ورانڊي ۾ وقتن به وقت مختلف اين جواووز جي حوالي ڪندي ان وارڊ۾ مختلف ٽريننگ سينٽر قائم ڪندي ان ۾ شريڪ ماڻهن ۾ ماني تقسيم ڪرڻ سبب سندن وارڊ جي خوبصورتي هٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڄي ۽ اتي بورچي خاني قائم ڪندي غلاظتون ڦهلائي انکي گندگي ۾ هٿرادو ڌڪيليو پيو وڃي.ان سلسلي ۾ هالا سان تعلق رکندڙ سجاڳ ڌرين،سياسي،سماجي ۽ مّذهبي جماعتن جي اڳواڻن مذڪوره واقعي جي جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي هتانجي چونڊيل نمائيندن،صحت ڪميتي جي اڳواڻ ميمبرن کان مطالبو ڪندي اکين جي وارڊ ۾ ٿيندڙ تقريبن کي فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي 

إرسال تعليق

 
Top