GuidePedia

0
hyderabad dalit sujag tairikh sindhinewsonline

حيدرآباد: دليت سڄاڳ تحريڪ پاران هندو نارين جو زبردستي مذهب مٽائي شادي ڪرڻ واي واقعن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي دليت سڄاڳ تحريڪ جي چئيرمين راڌا ڀيل ۽ ٻين، پوجا گوواري، ليلا جوڳي، ڪرن ميگهواڙ، پاني ڪولهي، ۽ ٻين جي هندو نارين جي زبردستي مذهب مٽائڻ جي سخت مزاحمت ڪندي چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ هندو نارين جي اغوا ۽ زبردستي مذهب مٽائڻ وارا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن ته صوبائي يا مرڪزي حڪومت اهڙن واقعن جي روڪ لاءِ ڪا به حڪمتِ عملي نه جوڙي سگهي آهي، هنن چيو ته اهڙيون حرڪتون دليتن لاءِ ويتر مسئلا پيدا ڪري رهيون آهن، دليت اڳ ئي سماجي توڙي معاشي مسئلن جي ور چڙهيل آهن. هنن چيو ته دليت غربت واري زندگي گهاري رهيا آهن ۽ سندن ڀلائي لاءِ ڪابه حڪمتِ عملي نه جوڙي وئي آهي، جنهن جي ڪري هن برادري جا ماڻهو ملڪ ڇڏڻ ۽ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن حڪومت کان گهر ڪئي ته دليتن جي مڙهني مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ هندو نارين جي زبردستي مذهب مٽائڻ واري عمل خلاف وزير اعليٰ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو.

إرسال تعليق

 
Top