GuidePedia

0
Hala=Jsqm K Karkun Shaheed Ismail Dahree K MazarP Fatah  Perhty

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

جسقم جي مرڪزي اڳواڻ شهيد اسماعيل ڏاهري جي 21 ورسي سندس آخري آرامگاهه پير بلاولي لڳ ڀاڻوٺ ۾ نهايت ئي عقيدت واحترام سان ملاهائي ويئي ان تقريب ۾ جسقم جي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالرشيد ڏيٿو،سرداراياز ميمڻ،سينگارڏاهري،عمران سنائي جن جسقم جي ڪارڪنن سان گڏ سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعائون گهريون. ان موقعي تي جسقم جي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالرشيد ڏيٿو ورسي تقريب ۾ شريڪ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڪڏهن به مرنا ناهن ۽ شهيد اسماعيل ڏاهري اڄ به ساڻن گڏ آهي هن چيوته جسقم جي شهيدن هن پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءَ پنهنجين جانين جا نذرانا ڏيندي سنڌ امڙ جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ڪنهن به غصب آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندي ان آڏوپنهنجو سينو سانيو آهي ۽ جسقم جا جوڌا پنهنجي باني باباءَ سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر تي هلندي سنڌ امڙ جي حفاظت ڪندا رهندا.

إرسال تعليق

 
Top