GuidePedia

0
. هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

سالارو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس جوان ارشد فراش اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو،جنهن  جي لاش کي طبي معائني لاءَ ٿاڻي تي موجود سندس پٽي ڀائين فوري طور تي اسپتال پهڇايو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ٿيڻ تي فوتي اهلڪارجي وارثن کي اطلاع ڪيو ويوجن اسپتال پهچي فوتي پوليس جوان جي للاش کي سندس اباڻي ڳوٺ سلطان فراش سندس گهر پهڇايو لاش جي گهرپهچڻ تي قهرام مچي ويو۽ فوتي جا ٻارڙا پنهنجي پيءُ جي لاش کي چنبڙي روئيندا رهيا ان وقت اتي موجود سمورن سوڳوارن جي اکين ۾ لڙڪ وهي آيافوتي پوليس جوان جي جنازي نماز سندس ڳوٺ سلطان فراش ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان سميت هالا،هالا پراڻه،سالارو،نيوسعيدآبادکان علاوه ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر پوليس آفيسرن،جوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

إرسال تعليق

 
Top