GuidePedia

0
Hala=Shahree HESCO K Ziadation P MNA Matiari K PA   M,Bachal Mughul Ko Shikayatin Dety.
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا شهر۾ حيسڪو جي وڌندڙ هٿرادو ذيادتين تي شهرين جو ايم اين اي مٽياري جي پي اي ۽ هالا پريس ڪلب جي سرپرست اعلي سان ملاقات،۽دانهون بجلي جي هٿرادو لوڊشيدنگ،اوور ريڊنگ۽ بجلي جي اکٻوٽ،ٽرانسفارمرجي مرمت تي اوڳاڙي جون شڪايتون،تدارڪ جي گهر.شهرين جون حيسڪو خلاف شڪايتون جائز آهن هالا سميت ضلعي جي عوام پاران حيسڪو ذيادتين تي وفاقي حڪومت وٽ فائل جمع ڪرايو ويوآهي.پي اي ايم اين اي مٽياري محمد بچل مغل.
خبرموجب هالاشهر ۾ حيسڪو انتظاميه جي پاران بجلي جي صارفين سان هٿرادو ذيادتين تي هالا شهر جي مختلف علائقن گاجڻي گهٽي،پير مولابخش ڪالوني،ٿلهو روڊ،طالب المولي ڪالوني، پير پنيلڌوڪالوني،گلشن فهيم ڪالوني،هالا پراڻه،خانوٺ،۽ ٻين علائقن  جي رهندڙ مختلف برادرين واڻيا،مجاور،ميمڻ،آخوند،علوي،ڏاهري،ڪاڪا،سوڍڙا،مغل،سيد،۽  ٻين برادري سان تعلق رکندڙ جن ۾ معززشهرين جن وفدن جي صورت سروري تنظيم هالا جي صدر،پريس ڪلب هالا جي سرپرست اعلي ۽ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم سعيدالزمان جي پي اي محمد بچل مغل سان الڳ الڳ وفدن جي صورت ۾ ملاقات ڪندي حيسڪو هالا جي وڌندڙ هٿرادو ذياديتن جن ۾ هٿرادو اضافي لوڊشيڊنگ،اوور ريڊنگ،بجلي جي اکٻوٽ،سڙجندڙ ٽرانسفارمرن جي مرمت تي 50هزارکان لک روپين تائين اوڳاڙي جون شڪايتون ڪندي حيسڪو هالاانتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪندي هالا جي عوام جوتدارڪ ڪندي حيسڪو هالا جي آفيسر سان ڳالهائڻ ۽ هالا جي شهرين سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ان موقعي تي پي اي ايم اين اي مٽياري محمد بچل مغل شهرين جي وفدن جون شڪايتون ٻڌڻ بعد انهن جي پاران حيسڪو انتظاميه هالا جي سمورن شڪايتن جي تائيد ڪندي کين سندن مڪمل ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته هالا سميت ضلعي مٽياري جي عوام پاران حيسڪو جي ذيادتين جو مڪمل فائل مخدوم سعيدالزمان پاڻ سان گڏ اسلام آباد کڻي ويو جيڪو وفاقي وزير بجلي ۽ وزيراعظم۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي حوالي وٽ جما ڪرائڻ سان گڏ ضلعي مٽياري ۾ حيسڪو ذيادتين تي ايوان ۾ پڻ آواز اٿاريو ويو آهي.۽ هن بجلي جي متاثرشهرين کي تمام جلد سندن مسئلوتمام جلد حل ڪرڻ جويقين ڏياريو۽ ٻي صورت ۾ هن عوام جي جائز مسئلي تي هنن سان گڏ رهندي حيسڪو جي ذيادتين تي شهرين سان گڏ هوندو ۽ شهرين جي پاران حيسڪو خلاف ڪيل احتجاج ۾ هو انهن جي اڳواڻي ڪندو..

إرسال تعليق

 
Top